پرينيتي چوپڙا ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا ڳورهاري هجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.
پرينيتي چوپڙا انسٽاگرام پوسٽ ۾ ٻڌايو ته جلد هوءَ ماءُ بڻجڻ واري آهي.
اداڪارا جي پوسٽ کانپوءِ شوبز شخصيتن، سياستدانن ۽ مداحن طرفان کيس مبارڪباد پيش ڪرڻ ۽ نيڪ خواهشن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
واضح رهي ته ڪيترن ئي ڏينهن کان اهي خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته پرينيتي چوپڙا اميد سان آهي.
پرينيتي چوپڙا 2023 ۾ عام آدمي پارٽي سان واسطو رکندڙ سياستدان راگهو چڊا سان ڪجهه عرصي تائين لاڳاپن ۾ رهڻ کانپوءِ شادي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.