اسلام آباد/لاهور(بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ اٽو مهانگو، هفتي اندر 20 ڪلو جي ٿيلهي 217 رپيا ٿي وئي. رپورٽ مطابق، وفاقي ڳڻپ اداري جي دستاويز ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ آٽي جي قيمتن ۾ مسلسل واڌ ٿي رهي آهي. رڳو هڪ هفتي اندرسيالڪوٽ ۾ 20 ڪلو آٽي جو ٿيلهو 217 رپين تائين مهانگو ٿي ويو، جڏهن ته لاهور، گوجرانوالا، ملتان ۽ بنون ۾ قيمت ۾ 200 رپين تائين واڌ ٿي آهي. وفاقي ادارو شماريات مطابق بهاولپور۾ 193.34 رپيا واڌ راولپنڊي187.67 رپيا واڌ ٿي آهي. اسلام آباد ۾ 173.33 رپيا واڌ ٿي آهي. سکر 160 رپيا واڌ، ڪوئٽا۾ 130 رپيا واڌ راولپنڊي ۾ قيمت 1786.67، ڪوئٽا 1690 ،حيدرآباد ۾ 1680 .سيالڪوٽ 1667. ملتان 1666.66، بهاولپور 1660 رپيا ٿي وئي آهي. ملڪ ۾ مهانگائي جي لهر جاري آهي، جنهن تحت اٽي جي قيمتن ۾ تيزيءَ سان واڌ ٿي رهي آهي. ڪراچي ۽ اسلام آباد جا شهري سڀ کان مهانگو اٽو خريدڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته لاڙڪاڻي ۾ قيمت نسبتاً گهٽ آهي. پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ سبب ماني به مهانگي ٿيڻ جا امڪان آهي. مارڪيٽ ذريعن موجب، صوبو پنجاب ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، جتي في من تي 600 رپيا واڌ ٿي آهي. ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ نان ۽ مانيون وڪڻندڙن به ماني جي اگهه ۾ به واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. روٽي 14 رپين مان وڌي 16 رپيا ٿيڻ جا امڪان آهي.