حيدرآباد (پ ر ) سنڌ ترقي پسند پارٽي جو سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي آمريڪا جي شهر هوسٽن روانو ٿيو، جتي هو سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ امريڪا (سانا) جي سالياني ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري سنڌ کي درپيش قومي، سماجي ۽ سياسي مسئلن تي خطاب ڪندو. ترقي پسند هائوس قاسم آباد کان روانگي مهل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ کي درپيش سڀني مسئلن جو واحد ۽ حقيقي حل جمهوريت ۾ آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جو موقف واضع آهي ته سنڌ خلاف ٿيندڙ ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو ويندو. سنڌ جي وحدت ۽ سرحدن خلاف انتظامي ۽ نسلي بنيادن تي نيون رٿائون تيار ڪيون پيون وڃن، پر سنڌي عوام اهڙي ڪنهن به منصوبي کي ڪنهن صورت ۾ قبول نه ڪندو. هن واضع ڪيو ته جيڪو به سنڌ جي سرحدن سان ڇيڙڇاڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، ان کي سخت جواب ڏنو ويندو.ايس ٽي پي سربراهه چيو ته گذريل 17 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پيپلزپارٽي جي حڪومت سنڌ جي وسيلن کي تين وال ڪيو آهي، ڪرپشن ۽ نااهلي سبب صوبي جا سڀ شعبي تباهه ٿي چڪا آهن. هن چيو ته هاڻي سنڌ جي عوام کي جاڳڻو پوندو هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نون انتظامي يونٽن جي ٺاهڻ جا نعرا اصل ۾ ملڪ کي غير مستحڪم ڪرڻ لاءِ آهن. جيڪي ماڻهو نون يونٽن جا حامي آهن، سي ملڪ جي معيشت کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا.