سنڌ تي گهڻ طرفا حملا پيا ٿين،متحد ٿيڻو پوندو:زين شاهه

ڪراچي اوڀر(ن ع آ)سنڌ يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽس فيڊريشن مرڪز طرفان گذريل سال وڇڙي ويل ساٿين شهيد عرض محمد لهر ۽ شھيد ظهير عباس جي پهرين ورسي  سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ ٿي گذري.ورسي تقريب جي صدارت ايس يو پي صدر سيد زين شاھ ڪئي.ورسي تقريب کي خطاب ڪندي ايس يو پي صدر سيد زين شاھ چيو ته شهيد عرض محمد لهر ۽ شھيد ظهير عباس سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سرمايو هئا جيڪي حادثاتي طور گذريل سال اسان کان وڇڙي ويا پر سندن سنڌ وطن لاءِ جدوجهد تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو.هن  جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ هن وقت گهڻ طرف حملن جي زد ۾ آهي ۽ ان حملن کان بچاءَ لاءِ سنڌي قوم کي هڪ ٿيڻو پوندو ۽ پنهنجي وطن لاءِ فيصلائتي جدوجهد ڪرڻي پوندي.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ قانون جي حڪمراني ختم آھي.عدالتي ۽ انتظامي ادارا سرڪاري پارٽي يرغمال ۽ مفلوج ڪري ڇڏيا آھن.ھتي ميرٽ،انصاف ۽ امن نالي ڪا شئي نه بچي آھي.سرڪاري مشينري ۽ ڏوھاري مافياز ھٿان ظلم، جبر،بربريت ۽ دھشت گردي، پوليس گردي ۽ ڌاڙيل گردي وسيلي معاشي ۽ قومي نسل ڪشي جاري آهي. سنڌ جي پاڻي ۽ ناڻي تي ڌاڙي، زمينن، مالي، معاشي ۽ معدني وسيلن تي قبضن خلاف جاري قومي تحريڪ کي ڪچلڻ ڊيڄارڻ، ورھائڻ، گمراھ، ڪمزور ۽ خاموش ڪرائڻ جا حربا ۽ ھٿڪنڊا استعمال ڪري رھيا آھن.ان موقعي تي جگديش آھوجا، امير حسن پنهور، آڪاش ديدڙ، ڊاڪٽر علي نواز گبول، منيرمگسي، مخدوم شمس ۽ ٻين خطاب ڪيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.