ملتان (م ڊ) پاڪستان ڪسان اتحاد جي مرڪزي صدر خالد کوکر جو چوڻ آهي ته سازش تحت ملڪ مان ڪپهه جي پيداوار کي ختم ڪيو پيو وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي خالد کوکر چيو ته اسان هڪ ڪروڙ 28 لک ڳٺڙين مان گهٽجي 52 لک ڳٺڙين تي پهچي ويا آهيون، جيڪو سازش جو نتيجو آهي، خالد کوکر ٻڌايو ته هن ڀيري ڀاڻ جو استعمال به گهٽ ڪيو ويو، جنهن سبب پيداوار ۾ وڏي گهٽتائي آئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ان سان گڏوگڏ انب جي فصل جي ايڪسپورٽ ۾ به 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
ڪراچي ۾ برساتي پاڻي نيڪالي بابت وڏي وزير کي بريفنگ
ڪراچي (رپورٽر )ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي برساتي پاڻي جي نيڪاسيءَ بابت تفصيلي رپورٽ وزيراعليٰ سنڌ کي پيش ڪري ڇڏي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊپٽي ڪمشنرن جي نگراني ۽ ضلعي بلديات جي سهڪار سان شهر جي مختلف علائقن مان پاڻي نيڪال جو عمل جاري آهي. سڀني ڊپٽي ڪمشنرن پنهنجن ضلعن ۾ مڪمل ۽ جاري ڪم جي رپورٽ پڻ پيش ڪئي. وزيراعليٰ سنڌ هدايت ڪئي ته علائقن ۽ اندرين رستن مان پاڻي نيڪال لاءِ ترجيحي بنيادن تي ڪوششون جاري رهن ۽ ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪيو وڃي. ڪمشنر ڪراچي چيو ته ضلعي بلديات جي سهڪار سان نيڪاسيءَ جو ڪم جلد مڪمل ڪيو ويندو. صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جا پمپ به اندرين رستن تان پاڻي ڪڍڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪري رهيا آهن.
ڪراچي ۾ برساتن کانپوءِ سمنڊ ۾ گدلاڻ وڌي وئي
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ تازين برساتن سبب سمنڊ ۾ آلودگي ۾ نمايان اضافو ٿي ويو، وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري بندرگاهن جي صفائي مهم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته صرف صفائي ڪافي ناهي، پر آلودگي روڪڻ لاءِ به قدم کڻڻ ضروري آهي، ان لاءِ ميرين پوليوشن ڪنٽرول بورڊ کي فعال ڪيو ويو آهي، جنيد انوار چوڌري جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديلي سبب برساتون غير يقيني بڻجي ويون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ برساتن جو پاڻي سمنڊ کي وڌيڪ آلوده ڪري رهيو آهي، هن ٻڌايو ته سيوريج ٽريٽمينٽ پلانٽس جا منصوبا جلد مڪمل ڪيا ويندا، هن وڌيڪ چيو ته سامونڊي آلودگي نه صرف شهرين جي صحت پر ماحولياتي نظام لاءِ به وڏو خطرو بڻجي رهي آهي، جڏهن ته پلاسٽڪ، تيل ۽ ڪيميائي مواد جي ڪري سامونڊي خوراڪ به متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب ماهيگيرن جي روزگار کي شديد خطرا آهن، وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ماحولي تحفظ لاءِ صوبائي حڪومت سان گڏجي گڏيل حڪمت عملي تي ڪم ڪيو ويندو.