قومي وحدتن کي بمبئي بيڪري جو ڪيڪ سمجهي ورهايو پيو وڃي:امداد قاضي

ٽنڊوالھيار (رپورٽ : حسرت لغاري) موجودہ حڪومت ۽ ان کي هلائيندڙ روزانو  نوان قصا  ٻڌائي، خوش ڪندڙ خواب ڏيکاري روز نين ڪاميابين جون دعوائون ڪري رهيا آهن جيڪي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، چيو وڃي ٿو ته پرڏيهي پاليسيون ڪاميابين سان اڳتي وڌي رهيون آهن پر حڪومت فوجي سربراه ۽ آمريڪي اختيارن سان ٿيل ملاقاتن جو ڪو به پڌرنامو جاري نٿو ٿئي۔ ساڳي صورتحال چين جي  پرڏيهي وزير جي تازي دوري ۽ ڪابل جي ٽن طرفين ڳالهين جي به آهي۔ معاشي ڪاميابين جون دعوائون پڻ حقيقتن تي مبني نٿيون لڳن. عوام کي ڪڏهن ڪارپوريٽ فارمنگ ته ڪڏهن گرين ٽوئرزم، ڪڏهن معدني منرل مائينز ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري جا دلاسا ڏنا وڃن ٿا، ته ڪڏهن پيٽرول جا نوان ذخيرا هٿ اچڻ جا ڪوڙا اعلان ڪيا وڃن ٿا۔ ان ڪري اسين سمجھون ٿا اھو سڀ ڪجھ قومي وحدتن جي وسيلن تي قبضو ڪرڻ جا منصوبا آهن، اھڙو اظھار ڪميونسٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان ٽنڊوالهيار شھر ۾ ھڪ ھوٽل اندر منعقد ڪيل گول ميز ڪانفرنس ۾ خطاب ڪندي پارٽي جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي  ڪيو،هن چيو ته  قومي وحدتن کي بمبئي بيڪري جو ڪيڪ سمجهي ورهايو پيو وڃي پر اسان انهن سڀني عوام دشمن منصوبن خلاف ڀرپور جدوجهد جاري ڪنداسين،سنڌ هاري ڪاميٽي جي صدر پروفيسر منور ٽالپر، نائب صدر مصطفيٰ راڄپر، جنرل سيڪريٽري ڏامرومل، ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ڪميٽي  جي سيڪريٽري ڪامريڊ اقبال ۽ ارباب رستماڻي خطاب ڪندي چيو ته اسين پنهنجون زمينون، درياهه، قيمتي معدنيات، منرل ۽ تاريخي ۽ سياحتي ماڳ بچائڻ لاءِ هر محاذ تي سڀني شهرن ۾ اهڙيون ڪانفرنسون ڪري عوام کي منظم ڪري جدوجهد ڪنداسين پر سنڌ کي ڪنھن به صورت ٽڪرا ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ آبادگار اتحاد جي اڳواڻ عبدالرحيم درس، قومي عوامي تحريڪ جي محمد عثمان لغاري، شهيد ڀٽو جي جي ايم پتافي، جسقم بشير خان جي باغي ڪالرو، جاڳو ڀيل ويلفيئر ايسوسئيشن جي ڪامريڊ مٺو ڀيل، آزاد مگسي اتحاد جي ماجد آريسر، سنڌي ادبي سنگت جي روحيل ڪالرو ۽ خاصخيلي اتحاد جي ذيشان خاصخيلي سميت مختلف تنظيمن جي اڳواڻن خطاب ڪيو. ڪانفرنس ۾ شريڪ سياسي پارٽين، سماجي ۽ پروفيشنل تنظيمن، ٽريڊ يونينز ۽ آبادگار ۽ هارين جي تنظيمن گڏجي متفقه طور قراردادون پاس ڪيون۔ انهن قرارداد ۾ حڪمرانن جا نوان صوبا ٺاهڻ جا منصوبا مڪمل طور رد ڪيا ويا۔ ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو ختم ڪري، ڏنل زمينون سنڌ جي بي زمين مقامي هارين کي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو۔ ساڳي ريت نون ڪينالن جا منصوبا به ختم ڪرڻ، منرل مائينز ايڪٽ ۽ گرين ٽوئرزم جهڙن منصوبن کي وفاق ۽ هڪ مخصوص کاتي جي قبضي گيري قرار ڏئي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.