ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي نوان انتظامي يونٽ اڻٽر جو ٽرينڊ هلي رهيو آهي،ايڪس(ٽوئيٽر) تي عروسه سلمان لکيو ته ڪرپٽ جاگيردار نون صوبن جا مخالف آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جي طاقت ٽٽي پوندي،جيسمين لکيو ته پاڪستان جو مستقبل اختيارن جي غيرمرڪزي ورهاست ۾ آهي، ۽ اهوئي انصاف ۽ ترقي جي بنياد آهي،فرحان لطيف لکيو ته "وقت جي ضرورت آهي،انتظامي يونٽ اڻٽر آهن،جنيد رضا زيدي لکيو ته "صرف 12 کان 21 وڌيڪ انتظامي يونٽن جي قيام سان ئي 98 سيڪڙو پاڪستانين جي تقدير بهتر ٿي سگهي ٿي، ٻي صورت ۾ لساني بنيادن تي ٺهيل چار صوبن ۾ رڳو انهن صوبن جي آمراڻي، ظالماڻي۽ وڏيراڻي نظام ئي ترقي ڪئي آهي.”گريٽ ڪراچي نالي پليٽ فارم تي لکيو ويو آهي ته ڪراچي ٻڏي وئي آهي، رڳو انتظامي يونٽ جي ٻيڙي ئي ان کي ٻاهر ڪڍي سگهي ٿي۔ نازش علوي لکيو ته گلستان جوهر انڊر پاس جي ٺهيل ڀت هڪ پاسي کان جهڪي رهي آهي،اقصيٰ عزيز لکيو ته گريٽر ڪراچي، سرائڪي، هزارا ۽ بهاولپور جهڙا يونٽ قائم ٿيڻ سان عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿي سگهندا۔زبير خان لکيو ته صوبائي حڪومتون مڪمل طور تي مقامي سطح تي بنيادي ضرورتن جو مؤثر انتظام ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچن ٿيون۔ اسڪول، پوليسنگ، فائر ڊپارٽمينٽ، روڊ، پاڻي، نيڪال جو نظام، صحت جا کاتا، مقامي بهبود لاءِ ٽرسٽي، لينڊ سروي، ملڪيت جا رڪارڊ، لائبريريون وغيره ــ اهي سڀئي شعبا ناڪاميءَ جو شڪار آهن،عامر اقبال خانزاده لکيو ته اصل ۾ وڏي صوبي جي طاقتور اشرافيه ۽ مرڪز سان ڳٺ جوڙ ئي ڪرپٽ نظام کي زنده رکيو آهي،نوان يونٽ ٺهندا ته وسيلن جي ورڇ وڌيڪ شفاف ٿيندي