ڪي پي ۾ طوفاني برسات، وڌيڪ 12 فوت، انگ 400 کان وڌي ويو

 پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا ۽ طوفاني مينهن دوران حادثن ۾ 12 ڄڻا فوت، 50 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا.  خيبرپختونخوا ۾ شديد آندھي ۽ طوفاني برسات دوران مختلف حادثن ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 12 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ريسڪيو 1122 جي مطابق، ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات شديد آنڌاري ۽ طوفاني برسات ٿي. موسميات کاتي ديرا اسماعيل خان مطابق، طوفان جي رفتار 100 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين رڪارڊ ڪئي وئي. شديد آندھي جي نتيجي ۾ وڻ اکوڙي ڪري روڊن تي ڪري پيا، جنهن سبب ٽريفڪ متاثر ٿي، جڏهن ته گهرن ۽ عمارتن جي ڇتين تي لڳل سولر پينل به اڏي ويا. هوڏانهن پراونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي) خيبر پختونخواهه 15 آگسٽ کان هيل تائين برساتن سبب ٿيندڙ نقصان جي تازي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي. پي ڊي ايم اي موجب برساتن سبب مختلف حادثن ۾ هن وقت تائين 406 ڄڻا فوت ۽ 247 زخمي ٿيا، فوتين ۾ 305 مرد، 55 عورتون ۽ 46 ٻار شامل آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته زخمين ۾ 179 مرد، 38 عورتون ۽ 30 ٻار شامل آهن، جڏهن ته برساتن ۽ فلش فلڊ سبب 3 هزار 526 گهرن کي نقصان پهتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.