حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو 30 ۽31 آگسٽ تي آمريڪا ۾ ٿيندڙ سانا ڪنوينشن ۾ مھمان خاص طور شرڪت ڪندو.اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ حڪومت هر ضلعي ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ هزارين ايڪڙ زمين ڏئي ڇڏي آ اها واپس ڪئي وڃي،هن چيو ته پيپلزپارٽي جي ڪرپٽ اڳواڻن وزيرن، مشيرن 18 سالن جي اقتداري دور دوران سنڌ مان کربين روپيا ڪرپشن ذريعي لٽي دنيا جي مختلف ملڪن ڏانھن منتقل ڪري پنھنجي بي پناھ دولت ٺاھي آهي. پيپلزپارٽي سنڌ جا وسيلا لٽي، ڦري سنڌ جي عوام کي پينو فقير بڻائي ڇڏيو آهي،هن چيو ته جمهوريت ۽ اڪثريت جي نالي ۾ ننڍن صوبن خاص طور سنڌ جو استحصال ڪيو ويو آهي. سنڌ ۽ بلوچستان سڀ کان وڌيڪ ڪمائي ڏيندڙ صوبا آهن پر اتي جي عوام سڀ کان بدحال زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سياحت کاتو نالي ماتر آھي. ڪرپشن لاءِ ته فعال آھي پر عملي طور ڪم لاءِ غير فعال آھي. ڪينجھر، ڪوھستان، ڪارونجھر، گورک، رني ڪوٽ سميت ڪيترائي اھڙا مقام آھن جتي تفريحي سھولتون فراھم ڪرڻ سان لکين سياح سنڌ ۾ اچي سگھن ٿا، سياحن جي آمد لاءِ سھولتون فراھم ڪيون وڃن.