اسلام آباد(م ڊ) موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير موسمياتي تبديلي مصدق ملڪ چيو ته طاقتور ترين ماڻهن دريائن جي رستن ۾ هوٽل ٺهرايا آهن ۽ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته انهن کي اين او سي ڏيڻ وارا به اسان مان ئي آهن. هن چيو ته 2017ع ۾ ارلي وارننگ سسٽم لڳائڻ شروع ڪيو ويو، 300 سسٽم لڳڻا هئا، پر جڏهن هو وزير بڻيا، تڏهن تائين صرف 12 سسٽم لڳي سگهيا. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته موسم جي 100 سيڪڙو اڳڪٿي ممڪن نه آهي، رڳو ٻيلا ئي ٻوڏ جي وهڪرن کي روڪي سگهن ٿا. خانگي ٽي وي پروگرام دوران ميئر ڪراچي مرتضىٰ وهاب چيو ته رڳو وڻ لڳائڻ نه، پر انهن جي سنڀال به ضروري آهي. اسان پاڻي جي وهڪرن تي ٿيل حددخلين جو ڀنگ ڀوڳي رهيا آهيون، قدرت پنهنجا رستا واپس وٺڻ ڄاڻي ٿي. ميئر ڪراچي موسمي اڳڪٿي جي نظام تي سوال به کنيا، ۽ چيو ته موسميات کاتي 19 آگسٽ تي برسات ۾ گهٽتائي جي اڳڪٿي ڪئي، پر ان جي ابتڙ شديد برسات ٿي، 90 سالن ۾ آگسٽ ۾ اهڙي برسات ڪڏهن به نه ٿي هئي. ماحولياتي تبديلي جي ماهر ڊاڪٽر عمران احمد چيو ته جيڪڏهن ڊيٽا بهتر هجي ته مستقبل جي سٺي اڳڪٿي ممڪن آهي. ڪراچي ۾ 27 جڳهن تي کوهه "انجيڪشن ويلز” ٺاهڻ جي نشاندهي ڪئي وئي هئي، جنهن سان برساتي پاڻي کي زمين هيٺ موڪلي سگهجي ٿو.