ڪراچي( رپورٽر) ڪراچي جي اهم مصروف شاهراهه جهانگير روڊ برساتن کان پوءِ کنڊر بڻجي وئي آهي. هي شاهراهه گرو مندر کان شروع ٿي ٽه هٽي پل تائين وڃي ٿي ۽ ٻن ضلعن ڪراچي اولهه ۽ سينٽرل ضلعي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. روڊ جي ٻنهي پاسن تي وفاقي سرڪاري ڪالونيون پڻ واقع آهن، جڏهن ته ڏينهن رات هزارين گاڏيون هتان گذرن ٿيون. شهري ٻڌايو ته تازين برساتن هن شاهراهه کي شديد نقصان پهچايو آهي. ٻنهي طرفن جي روڊ ۾ وڏا وڏا کڏا پئجي ويا آهن. شهري شڪايت ڪن ٿا ته ڪجهه مهينا اڳ هن روڊ جي مرمت ڪئي وئي هئي، پر برسات ۾ سڀ ڪجهه ضايع ٿي ويو.