ايس پي ايس سي اميدوار امارا جي ڊگري جعلي هجڻ جي تصديق

حيدرآباد (رپورٽر) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن (SPSC) لائيو اسٽاڪ ڊپارٽمينٽ جي نتيجن بابت رپورٽن جو نوٽيس وٺندي اميدوار مس امارا ڌي محمد حنيف جي تعليمي سندن جي جاچ ڪرائي، جعلي هجڻ جو انڪشاف ڪيو آهي. ڪميشن باضابطا طور سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوجام سان رابطو ڪيو، جتي امتحانن جي ڪنٽرولر حتمي تصديق ۾  واضح ڪيو ته ڊگري، ٽرانسڪرپٽ ۽ پاس سرٽيفڪيٽ سراسر بوگس آهن، جيڪي يونيورسٽي ڪڏهن به جاري نه ڪيا هئا۔ ان کان پوءِ ايس پي ايس سي اميدوار خلاف سخت قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ضابطن موجب، امارا ڌي محمد حنيف کي پنج (5) سالن لاءِ ڊي بار ڪيو ويو آهي، جنهن دوران هوءَ ڪنهن به عهدي لاءِ درخواست ڏيڻ جي اهل نه رهندي، جڏهن ته سندس موجوده درخواست به رد ڪئي وئي آهي. ترجمان چيو آهي ته ڪميشن وٽ فراڊ، جعلسازي ۽ ڪوڙ جي ڪا به جاءِ ناهي، جيڪو به اميدوار ڪوڙا دستاويز پيش ڪندو، کيس بنا ڪنهن رعايت جي سخت ترين قانوني ۽ انتظامي ڪارروائي کي منهن ڏيڻو پوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.