لاڙڪاڻو/نئون ديرو (نمائندا ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي پاران نئون منصوبو شروع ڪيو پيو وڃي، جنهن تحت متاثرن کي مفت سولر ۽ گهرن ۾ واش روم ٺاهي ڏنا ويندا. انهن خيالن جو اظهار هن هفتي جي ڏينهن تعلقو رتوديرو جي يونين ڪائونسل وارث ڏنو ماڇي جي ڳوٺ خيرمحمد بروهي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ "سنڌ پيپلز هائوسنگ” جي تحت تعمير ٿيندڙ مڪمل ۽ اڌورا گهرن جي دوري ۽ مالڪاڻيون سندون ورهائڻ واري تقريب دوران متاثرن سان ڳالهائيندي ڪيو.هن وڌيڪ چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو عوام سان اهو واعدو هو ته هوءَ کين اٽو،لٽو ۽ اجهو فراهم ڪندي، ۽ اڄ مون کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت اهو واعدو پورو ڪري رهي آهي، هتي تقريبن سڀني جا گهر تعمير ٿي چڪا آهن يا تعمير ٿي رهيا آهن. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته اسان جي ڪوشش آهي ته اهي گهر خاص طور عورتن جي نالن تي مالڪاڻا حق سان ڏنا وڃن، ڇو ته اهو به شهيد محترمه جو خواب هو ۽ هوءَ پنهنجي ٻارن ۽ ڌيئرن جو خاص خيال رکندي هئي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان چاهيون ٿا ته جلد کان جلد سڀني گهرن جي تعمير مڪمل ٿئي، ان سان گڏ سنڌ حڪومت هڪ نئين منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي جنهن تحت انهن گهرن ۾ سولر جي سهولت پڻ فراهم ڪئي ويندي. ساڳئي وقت سنڌ حڪومت هڪ ٻيو وڏو منصوبو پڻ شروع ڪرڻ واري آهي جنهن تحت نون گهرن ۾ واش روم جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي، ان کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري تعلقو رتوديرو جي ڳوٺ زنگيجا پهتو، جتي هن پي پي پي شعبهِ خواتین جي مرڪزي صدر فريال تالپور سان گڏ شهيد پوليس سپاهي منير احمد سومرو جي گهر پهچي سندس پٽ منيب الرحمان، والد غلام قادر ۽ ٻين وارثن سان تعزيت ڪئي. ان موقعي تي نثار کهڙو، مير اعجاز جکراڻي، عبدالفتاح ڀٽو خورشيد احمد جوڻيجو، رميش لعل، سهيل انور سيال ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا. دوري دوران بلاول ڀٽو زرداري خيرمحمد بروهي ڳوٺ جي مختلف گهرن ۾ وڃي متاثرن کان سندن حال احوال ورتو ۽ مسئلا ٻڌا، جنهن تي هن ڳوٺاڻن جي مسئلن جي حل لاءِ فوري هدايتون جاري ڪيون.