پرڏيهي وزير جو 13 سالن بعد بنگلاديش جو دورو، اهم ملاقاتون

ڍاڪا/ اسلام آباد(م ڊ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ٻن ڏينهن جي سرڪاري  دوري تي ڍاڪا پهچي ويو، هي ڪنهن پاڪستاني پرڏيهي وزير جو 13 سالن بعد بنگلاديش جو پهريون سرڪاري دورو آهي، پرڏيهي کاتي موجب اسحاق ڊار بنگلاديش ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ جماعت اسلامي، نيشنل سٽيزن پارٽي ۽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي وفدن سان ملاقاتون ڪيون، جنهن ۾ پاڪ-بنگلاديش لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ خطي جي تازين حالتن تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، اسحاق ڊار جماعت اسلامي بنگلاديش جي مشڪل حالتن باوجود ثابت قدمي کي ساراهيو، پرڏيهي کاتي موجب پنهنجي دوري دوران اسحاق ڊار، بنگلاديشي اڳواڻن سميت چيف ايڊوائيزر محمد يونس ۽ پرڏيهي معاملن جي مشير توحيد حسين سان به ملاقاتون ڪندو.

  • مُراد علي شاهه طرفان 150 سال پراڻي بانيان وڻ جي بحالي جي هدايت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مُراد علي شاهه قصر ناز ۾ 150 سال پراڻي بانيان  وڻ جي بحالي جي هدايت ڪئي آهي جيڪو شديد مينهن ۽ تيز هوا سبب ڪري پيو هو. وڏي وزير ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته بحالي جو ڪم فوري طور شروع ڪيو وڃي. چيف ڪنزرويٽر جاويد مهر ۽ سندن ٽيم وڻ جي بحالي جي عمل جي نگراني ڪندا. مُراد علي شاهه چيو ته صدين جا پراڻا وڻ نه رڳو ثقافتي ورثو ۽ اجداد جي نشانيون آهن پر ماحول جي حفاظت لاءِ به انتهائي اهم آهن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي جي هن دور ۾ هر ٻوٽو تمام اهميت رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بانيان وڻ کي ‘ٽرِي آف لائيف’ جي نالي سان به سڃاتو وڃي ٿو. وڏي وزير ياد ڏياريو ته  ٻيلي کاتي اڳ ۾ ئي 2021 ۾ هڪ تاريخي وڻ کي بحال ڪيو هو جيڪو شديد مينهن دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احاطي ۾ ڪري پيو هو. وڏي وزير ٻيهر زور ڏنو ته صوبي جي حڪومت قديم وڻن کي محفوظ رکڻ ۽ بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي ته جيئن ماحول جي حفاظت ۽ پائيداري کي فروغ ملي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.