اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ چنالي ۾ بي رحم پيءُ نظير احمد چاچڙ پنهنجي 10 ورهين ڌي وزيران چاچڙ کي لٺين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪري واقعي واري هنڌان فرار ٿي ويو۔ اطلاع تي پوليس لاش کڻي تعلقه اسپتال اوٻاوڙو منتقل ڪيو، جتي پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو۔ گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو۔ ايس ايڇ او موجب قتل جو ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگهيو آهي، جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي، آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.