حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ آصف کوسو ۽ ممتاز کوسو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڪئنالن ۽ ڊيمن ۽ سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ گهارو، ڪنڌڪوٽ، ٽنڊو آدم ۽ واهي پانڌي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا. اڳواڻن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جو حصو گهٽائڻ واري سازش ڪئي پئي وڃي، پنجاب کي نوان ڊيم ٺاهي سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ جو پروانو ڏيڻ لاءِ صدر زرداري يارهين قومي مالياتي ڪميشن جوڙي آهي. جنهن کي ملڪ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. وفاقي سرڪار سنڌ ۽ بلوچستان کي فتح ڪيل علائقو سمجهي ڦري لٽي رهي آهي. اڳواڻن چيو ته 1940ع جي قرارداد جيڪا پاڪستان جو بنياد آهي، ان مطابق وفاق وٽ فقط اڍائي کاتا هوندا پر هتي ته وفاق صوبن جي زمينن، وسيلن ۽ پاڻيءَ تي به قبضو ڪري ڇڏيو آهي، صوبن جي وسيلن تي قبضا ڪرڻ جو وفاقي سرڪار کي ڪو به اختيار ناهي، ايس آءِ ايف سي جو ادارو جمهوريت ۽ ارڙهين آئيني ترميم جو قاتل ادارو آهي. جنهن کي فوري طور ختم ڪيو وڃي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته 1940ع جي قرارداد موجب سمورن صوبن کي بااختيار بڻايو وڃي ۽ قومن جي وسيلن تي انهن قومن جي حق حڪمراني تسليم ڪئي وڃي.