ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جو گورنر پنهنجي آئيني عهدي کي غيرقانوني طور استعمال ڪري رهيو آهي سندس عهدي تان هٽايو وڃي، اڳوڻي جج احمد علي گبول پاران سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، اڳوڻي جج احمد علي گبول درخواست داخل ڪرائيندي چيو ته گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پنهنجي عهدي جو غير آئيني ۽ غيرقانوني استعمال ڪري رهيو آهي، اڳوڻي جج داخل درخواست ۾ چيو آهي ته گورنر شپ غير سياسي عهدو آهي، گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري پنهنجي عهدي کي هڪ مخصوص پارٽي لاءِ گورنر هائوس کي بار بار استعمال ڪري رهيو آهي، ڪامران ٽيسوري گورنر هائوس جي سرڪاري بجيٽ هڪ سياسي پارٽي تي استعمال ڪري رهيو آهي جيڪا بجيٽ اسان جي ٽيڪسن مان آهي، درخواست ۾ چيو ويو آهي ته گورنر سنڌ پنهنجي حلف جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، گورنر سنڌ جو جيڪو عمل آهي اهو صوبائي ۽ وفاق جي ڀڃڪڙي آهي، صدر پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 101 جي شڪ نمبر 3 تحت متفق نه ٿو ٿئي ته هو وزير اعظم شهباز شريف جي باهمي مشوري سان گورنر کي پنهنجي عهدي تان هٽائي سگهي ٿو، اڳوڻي جج چيو ته اهڙو خط صدر پاڪستان کي به لکيو آهي پر ڪو به عمل درآمد نه ٿيو آهي، عدالت کي استدعا آهي ته داخل درخواست جي تڪڙي ٻڌڻي ڪئي وڃي.