برساتن ۾ خطري وارن اسڪولن ۾ پڙهائي بند ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد  سردار علي شاهه  برساتن دوران خطرو قرار ڏنل عمارتن ۾ پڙهائي جو عمل عارضي طور بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، تعليم کاتي سڀني ڊائريڪٽرز اسڪول ايجوڪيشن کي خط لکي متاثر اسڪولن جي مرمت بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، خط ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي سڀني ڊويزنن کان رپورٽ ڏني وڃي ۽ شاگردن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، تعليم کاتي موجب، تازين برساتن سبب مختلف ضلعن ۾ ڪيترن ئي اسڪولن جون عمارتون سخت متاثر ٿيون آهن، متاثر اسڪولن بابت مڪمل رپورٽ 7 ڏينهن اندر جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.