پشاور (م ڊ) خيبر پختونخوا ۾ تازين برساتن دوران ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب مواصلاتي ڍانچي کي شديد نقصان پهتو آهي.15 آگسٽ کان 22 آگسٽ تائين ٿيل نقصان بابت جاري ٿيل رپورٽ موجب، صوبي ۾ 331 رستن کي 336 هنڌن تي نقصان رسيو، جن مان 493 ڪلوميٽر رستا مڪمل طور تي متاثر ٿيا، جڏهنته 57 رستا اڃا تائين بند آهن. رستن جي بحالي لاءِ 9 ارب 45 ڪروڙ رپين جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي، جڏهنته 229 رستا جزوي ۽ 50 مڪمل بحال ڪيا ويا آهن، ٻوڏ سبب 32 پل به لڙهي ويا، جن مان 1 مڪمل ۽ 22 جزوي طور کوليا ويا آهن، جڏهنته 9 پل اڃا تائين بند آهن.پلن جي مرمت ۽ بحالي تي هڪ ارب 12 ڪروڙ رپيا خرچ ٿيندا.