سياستدان نوان صوبا ٺاهڻ جا مخالف؟

اسلام آباد (نجم سيٺي) 30 سال اڳ به صوبن جو معاملو اٿيو هو ۽ وقفي وقفي سان اٿندو رهيو آهي. پاڪستان پهرئين ڏينهن کان قومي سلامتي رياست بڻيو آهي، ويلفيئر رياست ناهي بڻيو. جڏهن ڪا رياست  سمورو ڌيان قومي سلامتي رکي ته سوشل ويلفيئر رهجي ويندو آهي، ڇو ته وسيلا گهٽ هجڻ سبب اهي قومي سلامتي تي لڳي ويندا آهن. ڇو ته ڀارت وڙهندو رهيو آهي، وفاق کي مرڪز کي مضبوط ڪرڻو پيو. ايوب خان بعد ۾ ون يونٽ ٺاهي ڇڏيو هو. نيشنل سڪيورٽي اسٽيٽ لاءِ مرڪز وٽ ڪمانڊ، مک وسيلا مرڪز وٽ هوندا آهن ۽ وفاق اهم هوندو آهي. ويلفيئر مقامي سطح تي هوندي آهي، هيٺيان ماڻهو مٿي ايندا آهن ۽ پنهنجي ماڻهن جو خيال ڪندا آهن. پاڪستان ۾ پهرئين ڏينهن کان قومي سلامتي ۽ ويلفيئر اسٽيٽ جي حوالي سان تڪرار آهي. جڏهن به ڊفينس جو معاملو آيو آهي ته سينٽرلائزڊ اسٽيٽ جي ڳالهه ٿي آهي. جڏهن به فوجي حڪومتون مرڪز ۾ اينديون آهن ته اهي صوبن کي اهميت ناهن ڏينديون، اهي مقامي حڪومتن کي اهميت ڏينديون آهن. ايوب خان، ضيا الحق، مشرف به مقامي حڪومتن تي ڪم ڪيو، مٿي مرڪز ۽ هيٺ مڪاني ادارا. هنن صوبائي سيٽ اپ کي ڪمزور ڪيو. صوبائي سيٽ اپ جو تجربو اهو آهي ته مقامي ترقي نٿي ٿئي. لوڪل گورنمينٽ جا قانون ٺهي چڪا آهن، عدالتن به حڪومتن کي حڪم ڏنا هئا ته مڪاني چونڊون ڪرايو پر ائين ٿئي نٿو. وفاقي ۽ صوبائي سياستدان مليل آهن. هاڻي جيئن ته ڀارت سان ٻيهر جنگ ٿي، حالتون خراب ٿي رهيون آهن. هونئن ئي خطو حساس آهي ته ان ڪري ڌيان واپس مرڪز تي ڏنو پيو وڃي. ان لاءِ اهو بحث ٻيهر شروع ٿي ويو آهي ته مرڪز وٽ دفاع لاءِ پيسا ئي ناهن ۽ ترقي، انفرااسٽرڪچر لاءِ پيسا ئي ناهن. اها ڳالهه ڪئي پئي وڃي ته صوبا پيسا کڻي وڃن ٿا ۽ هيٺئين سطح تي ڪم نٿا ٿين. جيستائين نيشنل اسٽيٽ ۽ ويلفيئر اسٽيٽ جو تڪرار حل نه ٿيندو تيستائين اهي مسئلا هلندا. هاڻي اين ايف سي ايوارڊ جو مسئلو ٿيو آهي ته ان جو فارمولو تبديل ڪرڻ گهرجي ۽ وفاق کي وڌيڪ پيسا گهرجن. جيڪڏهن صوبا مڪاني حڪومتن کي اختيار نٿا ڏين ته صوبن کي وڌيڪ صوبن ۾ ورهايو وڃي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا ۽ ڀارت ۾ اهڙو نظام آهي. اسان کان اهو ناهي ٿي سگهيو. اهو سولو ناهي ته ٿي وڃي، هاڻي وڏا مسئلا آهن، صوبائي قومپرستي وسيع پئماني تي اچي وئي آهي، بلوچستان، ڪي پي، سنڌ ۾ صوبائي قومپرستي آهي رڳو پنجاب ۾ ناهي. ڪنهن وقت ۾ نواز شريف جاڳ پنجاب جاڳ جو نعرو هنيو هو پر اڀري نه سگهيو هو. هاڻي ڏکيو آهي ته صوبن کي ڪيئن راضي ڪيو ويندو. هو ته چوندا ته وفاق گهٽجي وڃي، صوبا آزاد هجن ۽ بااختيار هجن. هو ته اين ايف سي ايوارڊ کي تبديل نٿا ڪرڻ چاهين. ان کي اڳتي وڌائڻ ڏکيو هوندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.