اسلام آباد (بيورو/م ڊ) معاشي ٿنڪ ٽينڪ اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊيولپمينٽ نون صوبن بابت 3 منصوبا پيش ڪري ڇڏيا. تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جو موجوده انتظامي ڍانچو اهم اقتصادي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، ان لاءِ گورننس ۽ وسيلن جي ورڇ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ننڍا صوبا قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٽن معاشي منظر نامن مان پهرئين منظر نامي ۾ 12 ننڍا صوبا قائم ڪري سگهجن ٿا، ٻئي منظر نامي ۾ 15 کان 20 ننڍا صوبا ۽ ٽئين منظر نامي ۾ 38 وفاقي ڊوين قائم ڪري سگهجن ٿا. رپورٽ موجب، 12 صوبا قائم ڪرڻ سان هر صوبي جي آبادي گهٽجي 2 ڪروڙ تائين ٿي ويندي، صوبائي بجيٽ 994 ارب رپين تائين ٿي ويندي. 15 کان 20 صوبا ٺاهڻ سان صوبائي بجيٽ 600 کان 800 ارب رپين تائين ٿي ويندي ۽ هر صوبي جي آبادي هڪ ڪروڙ 20 لک کان هڪ ڪروڙ 60 لک ٿي سگهي ٿي. 38 وفاقي ڊويزن ٺاهڻ سان هر ڊويزن جي آبادي 63 لک ٿي ويندي. رپورٽ موجب 4 صوبن ۾ 24 ڪروڙ 15 لک آبادي آهي، سراسري صوبائي آبادي 6 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي، آبادي جي فرق جي ڪري مسئلا آهن، غربت، بيروزگاري ۽ تعليم جي شرح ۾ فرق وڌي رهيو آهي. پنجاب ۾ غربت جي شرح 30، بلوچستان ۾ 70 سيڪڙو، خيبرپختونخوا ۾ 48، سنڌ ۾ 45 سيڪڙو آهي. آبادي جي دٻاءَ سبب وسيلن جي فراهمي ۾ وڏو فرق نظر اچي ٿو. پنجاب کي 5355 ارب رپيا ملن ٿا، بلوچستان کي 1028 ارب رپيا ملي رهيا آهن. ننڍا صوبا ٺاهڻ سان بجيٽ کي بهتر طريقي سان استعمال ڪري سگهبو. رپورٽ موجب، هن وقت صوبن جي سراسري غربت جي شرح 40 سيڪڙو آهي، ننڍا صوبا ٺاهڻ سان غربت گهٽجي ويندي، روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. وفاقي ڊويزن ٺاهڻ سان ٽارگيٽڊ معاشي اپاءَ شروع ٿي سگهن ٿا، ننڍا صوبا ٺاهڻ سان صوبائي آمدني ۽ زرعي آمدني ۾ واڌ ممڪن آهي، زرعي سڌارن سان جي ڊي پي جو هڪ سيڪڙو وڌي ويندو. رپورٽ ۾ چيو ويو ته ننڍا صوبا ٺاهڻ سان پراپرٽي ٽيڪس آمدني وڌي ويندي، پراپرٽي سيڪٽر ۾ سڌارن سان صوبن جي آمدني 2 سيڪڙو وڌندي، ننڍن صوبن سان وفاق ۽ صوبن ۾ ٽيڪس نظام ۾ هم آهنگي ٿيندي ۽ وسيلن جي بهتر ورڇ ممڪن ٿي سگهندي.