سنڌ سرڪار جي ترجمان ۽ ايس ايس پي جي گهر مان ٻن ڪروڙن جو ڌاڙو

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ ۾ اَمُن اَمان جي  صورتحال خراب بڻيل، ڊفينس ۾ سنڌ حُڪومت جي ترجمان  عقربه فاطمه ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان ميمڻ جي گھر  ۾ ٻن ڪروڙن جو ڌاڙو هنيو ويو، ان سلسلي ۾ مَعلوم ٿيو آھي ته 5 ھٿياربند تقريبن 90 لک رپين جي ماليت جا آمريڪي ڊالر ۽ ھِڪ ڪروڙ 10 لکن جا زيور ۽ ڪُجھه ٻيو قيمتي سامان ڦُرلُٽ ڪري فرار ٿِي ويا، ڊفينس جي درخشان ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، ايس ايس پي توحيد ميمڻ جي گن مين فيصل الطاف جي فرياد تي ڌاڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو، درخشان ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ 5 اڻڄاتل جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو، توحيد الرحمان  ميمڻ جو چوڻ هو ته رات جو مان گارڊ روم ۾ رائفل وهاڻي هيٺان رکي سمهي رهيس،  ڦورن اچي اٿاريو ۽ ڦرلٽ ڪئي،  سوشل ميڊيا تي عقربه فاطمه ۽ ايس ايس پي توحيد الرحمان ميمڻ جي گهر مان ڌاڙي تي دلچسپ تبصرا ٿي رهيا آهن، صارف سوال اٿاري رهيا آهن ته جيڪڏھن ڊفينس جھڙي علائقي ۾ ھِڪ ايس ايس پي ۽ سنڌ حُڪومت جي عورت ترجمان جو گھر  به محفوظ ناهي ته پوءِ باقي ڪير مَحفوظ ھُوندو، هڪ صارف چيو ته حاضر سروس آفيسر جي گهر ٻاهران ته سيڪيورٽي هوندي آهي، منهنجي شهر جو هڪ ايس ايس پي هو ان جي گهر ٻاهران چار پنج سپاهي چويهه ڪلاڪ الرٽ هوندا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.