ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه عوامي شڪايتن تي ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس جو اوچتو دورو ڪيو ۽ ڊگهي لوڊشيڊنگ تي سخت تشويش جو اظهار ڪيو۔ هن ڪي اليڪٽرڪ جي آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شهري مسئلن جي حل لاءِ فوري ۽ عملي قدم کنيا وڃن ته جيئن شهرين کي رليف فراهم ڪري سگهجي۔ وزير توانائي چيو ته برساتن کان پوءِ فيڊرن جي ٽرپ ٿيڻ ڪري عوام کي شديد تڪليفن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، تنهنڪري ڪي اليڪٽرڪ جي عملي ۽ مشينري کي هنگامي بنيادن تي متحرڪ رکيو وڃي۔ هن فيڊرن جي وقت سر مرمت ۽ بحالي لاءِ هڪ جامع منصوبي تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي شڪايت مرڪزن کي فعال بڻائي ته جيئن عوامي مسئلا فوري طور حل ٿي سگهن.