اڌ ڪلاڪ جي برسات سنڌ ٻوڙي ڇڏي ٿي:نياز ڪالاڻي

سجاول ( منظور ميمڻ ) جيئي سنڌ قومي محاذ بشير خان   جي چيف آرگنائيزر  ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي پارٽي اڳواڻـن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سنڌ ھن وقت ڏکي مرحلي مان گذري رھي آھي  پيپلزپارٽي   اخلاقي طور تي حڪومت ڪرڻ جي اھميت وڃائي چڪي آھي برساتون ھاڻي پيون آھن مھينو اڳ آبادگارن کي ساريال لاءِ پاڻي ڪونه پئي مليو پنجاب تربيلا ڊيم اوور لوڊ ڪري ڇڏيو آھي،هن چيو ته  حڪمرانن جو صحت توڙي ٻين بنيادي سھولتن جي طرف ڪو ڌيان ناھي ھي صرف ڪرپشن  ڪرڻ جا شاطر آھن ڪرپشن ۾ پيپلزپارٽي   عالمي رڪارڊ قائم ڪيو ويٺي آھي، سنڌ ۾ امان امان صورتحال تمام خراب آھي، اڌ ڪلاڪ جي برسات سنڌ ٻوڙي ڇڏي ٿي ھنن جا خرچ صرف ڪاغذن تائين محدود آھي،ان موقعي تي پنھل ساريو ـ منظور ميمڻ ،محمد خان پٺاڻ ، اياز لغاری، حاجي خان جلالاڻي ، شاھجان لغاري ۽ ٻيا موجود ھئا ۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.