شڪارپور ۾ منشيات جو وڌندڙ ڪاروبار ۽ حڪومتي ادارن جي مجرماڻي خاموشي صحافت جو اهم ڪردار

تحرير: آفتاب عالم مهر

شڪارپور، جنهن کي ڪڏهن سنڌ جو پيرس سڏيو ويندو هو. اهو شهر، جتي علمي ۽ ادبي محفلون ٿينديون هيون، جتي واپار جي رونقن سان شهر جون بازارون آباد هيون، جتي ماڻهن جي اکين ۾ خواب ۽ دلين ۾ اُميدون هونديون هيون. شڪارپور جي هوا ۾ هڪ سڪون هو، ماڻهو امن ۽ محبت جا ساٿاري هئا ۽ شهر جي سڃاڻپ ثقافت، واپار ۽ علم هئي. پر افسوس، اهو ئي شهر اڄ منشيات جي ڳڙھ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اهو ڏسندي هر سنڌيءَ جي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿي، آخر ڪهڙا سبب آهن، جو علم ۽ واپار جو مرڪز اڄ زهر ۽ موت جو مرڪز بڻجي ويو آهي.

شڪارپور ۾ منشيات جو واپار ڪنهن هڪ ڏينهن ۾ نه وڌيو، پر آهستي آهستي هڪ باقائده ڪاروبار بڻجي ويو. جڏهن ادارن پنهنجو ڪردار نڀائڻ ڇڏي ڏنو، جڏهن قانون رڳو ڪاغذن تائين محدود ٿي ويو، جڏهن پوليس، ايڪسائيز ۽ اينٽي نارڪوٽڪس جهڙا ادارا پنهنجون ذميواريون وساري ويٺا، تڏهن نشي جا اڏا ڳجهي طرح نه پر کليل نموني سان هلڻ لڳا. شهر جي هر گهٽي ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڪٿي چرس، ڪٿي هيروئن، ڪٿي آئس ۽ ڪٿي ٻين نشي جي شين جا اَڏا قائم آهن. سوال اهو آهي ته ڇا ادارن کي اها خبر ناهي؟ يا خبر هوندي به انهن لاءِ اهو ڪو مسئلو ناهي؟ حقيقت اها آهي ته اهي ادارا به هن ڪاروبار مان پنهنجو حصو وٺن ٿا ۽ پنهنجي خاموشي جو سودو ڪن ٿا. شڪارپور ۾ منشيات جي هن واپار جي پٺيان سياستدان ۽ بااثر ماڻهو بيٺل آهن. وڏيرا ۽ سردار منشيات وڪڻندڙن جا اصل سرپرست بڻيل آهن. هو نه رڳو انهن کي قانون کان بچائين ٿا پر ڪڏهن ڪڏهن کين پنهنجي مفادن لاءِ استعمال به ڪن ٿا. جڏهن وڏيرا ۽ سياستدان پاڻ ئي هٿ ۾ هٿ ڏئي منشيات جي واپارين کي تحفظ ڏين، تڏهن هڪ عام ماڻهو ڪهڙيءَ ريت هن لعنت خلاف آواز اٿاري سگهي ٿو؟

شڪارپور ۾ بيروزگاري، غربت ۽ تعليمي پسماندگي به منشيات جي واڌ جا وڏا ڪارڻ آهن. جڏهن نوجوانن کي نه روزگار ملي، نه تعليم، ۽ نه ئي ڪو مستقبل نظر اچي ٿو، تڏهن هو آسانيءَ سان نشي جي لعنت ۾ ڦاسي پون ٿا. نشي جو هڪ لمحو انهن لاءِ مايوسين ۽ درد کان ڀڄڻ جو ذريعو بڻجي ٿو، پر  اهو ئي عارضي سڪون سندن سڄي زندگي تباھ ڪري ڇڏي ٿو. شڪارپور جا ڪيترائي نوجوان هيروئن ۽ آئس جي نشي ۾ پنهنجو وجود ساڙي رهيا آهن. اهو ڏسندي دل مان ھڪ پڪار نڪري ٿي ۽ پڇي ٿي ته ڇا اهو ئي اسان جو مستقبل آهي؟ تازو ئي شڪارپور مان هڪ لاش هٿ آيو، جنهن جي سڃاڻپ لياقت شيخ جي نالي سان ٿي. هو جيڪب آباد جو رهواسي هو ۽ خانپور ٽائون ۾ سوئيپر جي حيثيت سان نوڪري ڪندو هو، لياقت جي زندگي منشيات جي ور چڙهي وئي ۽ آخرڪار هو تڙپي تڙپي گند جي ڍير تي اجل جو شڪار ٿي ويو.

شڪارپور جي نوجوانن کي نشي لعنت کان بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. سڀ کان پهرين ادارن کي ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پوليس کي رشوت وٺڻ بدران منشيات جا اڏا ختم ڪرڻا پوندا. سياستدانن کي به پنهنجي سياسي مفادن بدران شهر جي مستقبل کي اهميت ڏيڻي پوندي. سماجي تنظيمون، استاد، شاگرد، قلمڪار ۽ صحافين کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. شڪارپور جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي شهر ڏکين حالتن کان پوءِ به بار بار اڀرندو رهيو آهي. اهو شهر جڏهن علم، واپار ۽ تهذيب جو مرڪز ٿي سگهي ٿو ته ان کي ٻيهر صاف سٿرو ۽ نشي کان پاڪ بڻائڻ به ممڪن آهي، پر ان لاءِ جرئت، ايمانداري ۽ گڏيل جدوجهد جي ضرورت آهي.

شڪارپور جي نوجوانن کي نشي لعنت کان بچائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. سڀ کان پهرين ادارن کي ايمانداريءَ سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. پوليس کي رشوت وٺڻ بدران منشيات جا اڏا ختم ڪرڻا پوندا. سياستدانن کي به پنهنجي سياسي مفادن بدران شهر جي مستقبل کي اهميت ڏيڻي پوندي. سماجي تنظيمون، استاد، شاگرد، قلمڪار ۽ صحافين کي جدوجهد ڪرڻي پوندي. شڪارپور جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته هي شهر ڏکين حالتن کان پوءِ به بار بار اڀرندو رهيو آهي. اهو شهر جڏهن علم، واپار ۽ تهذيب جو مرڪز ٿي سگهي ٿو ته ان کي ٻيهر صاف سٿرو ۽ نشي کان پاڪ بڻائڻ به ممڪن آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.