اڄ جي دور ۾ عورتن جو معاشي طورتي مضبوط ۽ خودڪفيل هجڻ سنڌي سماج ۾ وقت جي تمام وڏي ضرورت بڻجي چڪو آهي۔ سنڌ جون عورتون، ڀلي اهي ٻهراڙي جو پس منظر رکن يا شهري علائقن سان واسطو رکن، صوبي جي معيشت جي ڪرنگهي جي هڏي سمجهيون وڃن ٿيون۔ اهي رڳو پنهنجي خاندانن جي مالي ذميوارين کي نڀائن ٿيون پر ترقيءَ جي صفِ اوّل ۾ به بيٺل آهن۔ڪراچيءَ کان سکر تائين جو هي سفر ڄڻ ته هڪ طلسماتي ڪهاڻي هو، جتي سرسو ۽ جي ايم آءِ جي سهڪار سان ٽن ڏينهن جي دوري دوران سکر، خيرپور ميرس، موئن جو دڙو ۽ لاڙڪاڻو ضلعن جي 80 يونين ڪائونسلن مان آيل سوين باهمت عورتن سان ملاقاتون ٿيون۔ اهي سڀئي عورتون عورتن جي خودمختياريءَ جو روشن مثال آهن۔ لڳ ڀڳ پندرهن لک عورتن کي هن پروگرام هيٺ قرض ۽ سهڪار ملي چڪو آهي ۽ سئو سيڪڙو واپسيءَ جو رڪارڊ قائم ٿيو آهي، جيڪو بيحد ساراهه جوڳو آهي۔
صنم مهر: ڊيري پراڊڪٽس سان نئين سڃاڻپ شڪارپور جي صنم مهر اها همت ڏيکاري آهي، جيڪا اڪثر مردن لاءِ به ڏکيو ڪم سمجهيو ويندو آهي۔ سنڌ رورل سپورٽ آرگنائيزيشن جي تربيت ۽ سهڪار سان هن هڪ ننڍي فيڪٽري قائم ڪئي آهي، جتان هاڻي هوءَ "مهراڻ” نالي سان ڏهي، لسي، مکڻ ۽ فليورڊ کير جهڙا ڊيري شيون مارڪيٽ ۾ آڻڻ واري آهي۔ هي رڳو ڪاروبار نه پر عورتن جي سڃاڻپ جو نئون باب آهي۔
بشرا اصغر علي: ڪپڙا سبڻ ۽ سماجي خدمت
لاڙڪاڻي جي تعلقو ڊوکري، ڳوٺ بهاول جت جي بشرا اصغر علي ڪپڙا سبڻ ۽ ڀرت ڀرڻ سان پنهنجو گذر سفر ڪري ٿي، ساڳئي وقت علائقي جي عورتن جي سماجي مسئلن، خاص ڪري ٻار ڄڻڻ واري مرحلي ۾ به مدد ڪندي رهي ٿي۔ سندس چوڻ آهي ته دعائون ۽ سچيون دعائون ئي سندس اصل سرمايو آهن۔
ثمرين سولنگي: مٽيءَ ۾ تاريخ جو رنگ
موهن جي دڙي جي ثمرين سولنگي قديم نوادرات، سڪن ۽ مهرن کي مٽيءَ جي سانچن ۾ ٺاهي، انهن جي شڪلين کي زنده ڪري ٿي۔ سندس هٿن جو هي ڪم سنڌي تهذيب جي ورثي جو عڪس پيش ڪري ٿو۔
غلام رسول ۽ عابده جو ڀرت ڪاري ۾ نئون ساهه وجهڻ
خيرپور ميرس جو غلام رسول سرسو جي قرضي سان هٿ جي مشينن تي بنا رسِي جو ڪم ٻيهر شروع ڪيو۔ هاڻي هو روزانو 18 گز ڪپڙو تيار ڪري ٿو، جيڪو هڪ ڏينهن ۾ ٽن سوٽن جي برابر ٿيندو آهي۔بهاول جت جي عابده به هٿ جي مشينن سان "کاڌي” جا سوٽ تيار ڪري ٿي، جيڪي ڪراچيءَ جي وڏين مارڪيٽن ۾ وڪامجن ٿا ۽ هوءَ مهيني 17 هزار کان 20 هزار رپيا ڪمائي ٿي۔ان جي علاوه ڪيلي جي ڇل مان ڌاڳوٺاهي ڪپڙا ۽ پرس تيارڪيا ويندا آهن .
ميرزادي بلوچ: ڏکين حالتن مان جدوجهد تائين
شڪارپور جي ميرزادي بلوچ جيڪا 2009ع ۾ مڙس جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ۽ 2010ع جي سيلاب جي تباهيءَ کانپوءِ به نه ٿي ڊڄي۔ پهريان موبائل ڪارڊ وڪڻڻ شروع ڪيائين، پوءِ پنهنجي ننڍڙي دڪان قائم ڪيو۔ اڄ سندس پٽ ۽ ڀاءُ به ساڻس گڏ ڪم ڪن ٿا۔
مهناز مهر: شڪارپور ۾ ريسٽورنٽ
شڪارپور جهڙي ڏکئي علائقي ۾ مهناز مهر پنهنجي مڙس سان گڏ ريسٽورنٽ قائم ڪيو آهي۔ هوءَ پاڻ ڪائونٽر تي ويهي ڪم ڪري ٿي، جڏهن ته سندس مڙس کاڌا ٺاهيندو آهي۔ ٻنهي جي گڏيل محنت سندن خاندان لاءِ روزگار جو ذريعو بڻجي چڪي آهي۔
حڪيم زادي: روايتي ذائقا
موهن جو دڙو ۾ حڪيم زادي ۽ سندس مڙس جو کاڌي جو اسٽال سياحن ۽ مقامي ماڻهن لاءِ وڏي دلچسپيءَ جو سبب آهي۔ هتي سرسوي جو ساڳ، لسي، مکڻ ۽ خاص کير واري چانهه وڏي پسند ڪئي ويندي آهي۔ سردين ۾ سندن ڪاروبار وڏي عروج تي هوندو آهي۔
خوشبو، سڃاڻپ ۽ اعتماد
گهوٽڪي جي هڪ عورت چيو اصل خوشي اسان کي قرضو ملڻ ۾ ناهي، پر شعور ۽ پنهنجي سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ۾ آهي۔ هاڻي اسان گهرن مان نڪري دنيا آڏو پنهنجون صلاحيتون پيش ڪريون ٿا۔هي تبديلي رڳو مالي استحڪام تائين محدود ناهي رهي پر عورتن جي سوچ ۽ سماجي انداز کي به نئون رخ ڏنو آهي۔ هاڻي اقليتي عورتون به اعتماد سان اڳتي وڌي رهيون آهن۔ سرسو جي سي اي او ذوالفقار ڪلهوڙي ٻڌايوته اسان قرض رڳو عورتن کي ڏيون ٿا، ڇو ته هي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو ته سنڌ جي عورتن کي معاشي طور مضبوط ڪيو وڃي۔ اسان ضلعي، تعلقن ۽ يونين ڪائونسل سطح تي ڪميٽيون ٺاهيون آهن، جيڪي سفارشون ڏين ٿيون ته ڪهڙي عورت کي قرض ڏنو وڃي۔ اسان جو مقصد رڳو ڪاروبار نه پر متاثر عورتن کي سندن پيرن تي بيهارڻ آهي۔ .