هاڻي ته اهو ٻڌي ٻڌي بيزار ٿي پيا آهيون ته پي ٽي آءِ ملڪ جي وڏي ۾ وڏي ووٽ بينڪ واري جماعت آهي ۽ عمران خان سڀ کان وڌيڪ مقبول اڳواڻ آهي. ٺيڪ آهي، هُئا… ته پوءِ؟ وڏو يا مقبول هجڻ سان آخر ڪهڙو فرق پيو؟ وڏو ته لاھوري بابو بينڊ جو اُهو پتل جو چمڪندڙ باجو به ٿيندو آهي، جيڪو بينڊ ماسٽر پنهنجي ڀرسان ويڙهي، رستي تي سڀني کان اڳيان هلندو آهي.
ڪليرينٽ، بگل ۽ ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڍول به ان وڏاڳر باجي جي اڳيان پاڻي ڀرين ٿا، پر ان شان و شوڪت ڀري، چمڪندڙ سونهري باجي مان هر ڪجههه لمحن بعد سواءِ ”پون، پون، پون“ جي ٻيو ڪو آواز نڪتو به آهي؟ڪير اِهو به ته ٻڌائي ته پي ٽي آءِ وڏي ۽ مقبول هجڻ جي باوجود منظم ڪيتري آهي؟ ووٽ بينڪ يا اڳواڻ جي مقبوليت کي هڪ منظم سياسي قوت ۾ بدلڻ جي صلاحيت ڪيتري اٿس؟ ته جيئن سڀ نه سهي، پر اڌ ڳالهيون ته مڃائي سگهي. پي ٽي آءِ کان وڌيڪ منظم ۽ مقبول ته هڪ دور ۾ ڀٽو ۽ بينظير جي پيپلز پارٽي هئي، نواز شريف جي مسلم ليگ (ن) هئي، ولي خان جي نيشنل عوامي پارٽي هئي. پي ٽي آءِ جي ابتڙ، اهي جماعتون پنهنجي جدوجهد جي دور ۾ ٻين سياسي قوتن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ نڪتي ايجنڊا هيٺ، گڏ کڻي هلڻ ۾ ڪامياب ته رهيون. تنهن هوندي به، ڇا اوهان نه ڏٺو ته ڊگهي جدوجهد جي پسمنظر هوندي به، انهن کي آخرڪار سمجھوتو ڪرڻو پيو؟ ايتري تائين جو اهي جماعتون پسپا ٿيندي، ملڪ کي غير ڏسڻ جهڙي هائبرڊ نظام جي در تي وٺي آيون.
هيءَ ڳالهھ ته گهڻي وقت تائين بحث جو موضوع رهندي ته سياسي جماعتن کي ڪيتري لچڪ ڏيکارڻ گهرجي ۽ ڪهڙي هنڌ تي اڙجي بيهڻ گهرجي؟) پي ٽي آءِ ته پنهنجو سياسي سفر ئي هائبرڊ سهولتڪار طور شروع ڪيو. غلطي صرف اها ٿي، جو جڏهن ’پراجڪٽ انصاف‘ جي جنرل مئنيجر پاڻ کي پراجڪٽ جي مرڪزي سيڙپڪار جي برابر سمجهڻ لڳو، ۽ ميئنيجنگ ڊائريڪٽر جي سيٽ والاري، ته سيڙپڪار ان کي فارغ ڪري، پراڻن سهولتڪارن کي واپس نوڪري تي بحال ڪري ڇڏيو.
ان شارٽ ڪٽ واري سرور ۾ پي ٽي آءِ کي ڪڏهن به اهو خيال نه آيو ته جن هٿن تي کڻي ناز سان ويهاريو اٿن، اهي ئي کيس اوچتو زمين تي اڇلائي سگهن ٿا. جڏهن قالين پيرن هيٺان کان کسڪي ويو، تڏهن خيال آيو ته سٺي وقت ۾ ٿوري تنظيم سازي به ڪري وٺي ها، ته اڄ هٿ وٺي هلڻ ۾ ڪجهه آسان ٿين ها.
سوشل ميڊيا جي طاقت توهان کي ووٽ ته وجهرائي سگهي ٿي، پر رستن تي لاهڻ لاءِ جيڪا منظم سياسي پيادل فوج گهربل هوندي آهي، ان جو متبادل اڄ به ”ڪي بورڊ واريئر“ نه آهن.
اها ڳالهه به ڪافي وقت تائين بحث هيٺ رهندي ته پي ٽي آءِ کي گذريل سال فيبروريءَ ۾ خيبر پختونخوا، پنجاب ۽ ڪراچي ۾ جيڪي ووٽ مليا، اهي خان صاحب جي ساڍن ٽن سالن جي پاليسين جي حمايت ۾ هئا؟ يا کيس هلڪڙائي سان برطرف ڪرڻ جي ردعمل ۾ اڀريل عوامي همدردي جي لهر جو نتيجو هئا؟ يا وري اهو ووٽ سياست تي غير سياسي قوتن جي مستقل تسلط خلاف هڪ مضبوط انتخابي بغاوت هو؟ ۽ ان جو نقطه عروج نو مئي هو؟
سبب ڪو به هجي، پر نو مئي کانپوءِ جيڪو ڪريڪ ڊائون ٿيو، ۽ جنهن جي ور چڙهندي آهستي آهستي چونڊ عمل، پارلياماني نظام، ۽ عدليا به اچي ويا، ته اهو ڏينهن ۽ اڄ جو ڏينهن پي ٽي آءِ، هڪ مقبول، ذميوار ۽ عوامي امنگن جي ترجمان جماعت جي حيثيت سان پنهنجي مضبوط سوديبازي جي طاقت کي حقيقي شڪل ڏيڻ جو هڪ به موقعو نه ڇڏيو جو وڃائي نه ڇڏيو هجي. ڪو به قابلِ ذڪر سياسي جماعت، گروهه يا تنظيم، آخر ڇو هڪ رخا ايجنڊا تي پي ٽي آءِ سان گڏجي مار کائي؟ جنهن جو اول ۽ آخر فقط ايترو هجي: ”عمران خان کي آزاد ڪيو!“ جيڪڏهن تحريڪ جو بنيادي ايجنڊو آئيني شڪل جي بحالي، جمهوريت ۽ عدليا جي رستي ۾ رنڊڪ بڻيل حڪمن ۽ قانونن جي منسوخي،
صوبن سان ناروا ورتاءُ جي خاتمي، سينيٽ کي قومي اسيمبلي جي برابر بااختيار بڻائڻ، ۽ اظهارِ راءِ کي گارڻ وارن قانونن جي خاتمي تي هجي ها، ته شايد قومي سطح تي هڪ گڏيل بين الطبقاتي ۽ بين الجماعتي اسٽريٽ پاور وجود ۾ اچي سگهي ها پر اها ٽرين به هاڻ نڪري وئي. برهمڻ، مندر ۾ ته ٺهندو آهي، پر سياست جي مندر ۾ ڪو به برهمڻ زادو نٿو هجي. هدف جي واٽ ۾ جيڪڏهن ديوار اچي ته ان سان ٽڪرائڻ ضروري ناهي، پر ديوار پار ڪرڻ جا متبادل رستا سوچڻا پوندا آهن ۽ گهڻو ڪري انهن کان به مدد وٺڻي پوي ٿي، جن کي عام حالتن ۾ توهان منهن لڳائڻ به نه ٿا چاهيو.
عمران خان کي قيد دوران به پنهنجي جماعت ۾ اهڙا پنج ماڻهو نه مليا، جن تي ايترو اعتماد ڪري سگهي جو، انهن کي ڪور ڪميٽي طور حڪمت عملي ۽ پاليسي سازيءَ جو ڪم ان وقت تائين سونپي ڇڏين، جيستائين هو جيل ۾ آهي. سوچي ڏسو، جيڪڏهن افريڪن نيشنل ڪانگريس (ANC) پنهنجي ڊگهي ۽ ڏکي سياسي جدوجهد دوران، هر ننڍي وڏي فيصلي لاءِ، رابن آئيلينڊ ۾ بند نيلسن منڊيلا کان رهنمائي وٺندي رهي ها ۽ هر دفعي کيس ملڻ لاءِ سفيد جيلرن جي منت ڪندي رهي ها، ته اڄ به شايد ANC رستن تي هجي. منڊيلا فقط ايترو چيو: ”مان هڪ قيدي آهيان، اوهان جيترو باخبر نٿو رهي سگهان، تنهن ڪري ميدان جي حقيقتن مطابق جيڪي به فيصلا ڪريو، صرف ايترو پڪ ڪريو ته مزاحمت ختم نه ٿئي “ ۽ دنيا ڏٺو ته 27 سالن کانپوءِ جڏهن منڊيلا ٻاهر آيو ته پارٽي متحد ۽ سرگرم هئي.
ڪنهن به قوم لاءِ اهڙو اڳواڻ رب جي رحمت هوندو آهي، جيڪو پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهڻ بدران، تاريخ ۽ سياست جو مسلسل شاگرد سمجهي ۽ منڊيلا اهڙو ئي هو. مشڪل اها آهي ته اڪثر اڳواڻن لاءِ، پنهنجي ذات کانسواءِ نڪي ٻيو ڪجههه پڙهڻ جو مطلب هوندو آهي، نڪي ڏسڻ جو، نڪي ٻڌڻ جو. انهيءَ ڪري، جيڪو پاڻ کي سياسي جماعت سمجهي ٿو، سو اصل ۾ سياسي قبيلو بڻجي بيٺو آهي ۽ نتيجو سامهون آهي. هن وقت جيڪڏهن آسمان تي اميد جي ڪا ڪرڻ موجود آهي ته اها به فقط اها ته جن جي هٿن ۾ هن وقت ملڪ جي واڳ آهي، اهي به ماشاءَالله پاڻ کي عقلِ ڪل سمجهن ٿا.
هيءَ ڳالهھ ته گهڻي وقت تائين بحث جو موضوع رهندي ته سياسي جماعتن کي ڪيتري لچڪ ڏيکارڻ گهرجي ۽ ڪهڙي هنڌ تي اڙجي بيهڻ گهرجي؟ پي ٽي آءِ ته پنهنجو سياسي سفر ئي هائبرڊ سهولتڪار طور شروع ڪيو. غلطي صرف اها ٿي، جو جڏهن ’پراجڪٽ انصاف‘ جي جنرل مئنيجر پاڻ کي پراجڪٽ جي مرڪزي سيڙپڪار جي برابر سمجهڻ لڳو، ۽ ميئنيجنگ ڊائريڪٽر جي سيٽ والاري، ته سيڙپڪار ان کي فارغ ڪري، پراڻن سهولتڪارن کي واپس نوڪري تي بحال ڪري ڇڏيو.