علي بابا جي لکڻين سنڌي سماج ۾ نئين فڪر کي جنم ڏنو

تحرير: مجيد نواز مغل

علي بابا جو اصل نالو علي محمد بلوچ هو، پر ادبي دنيا ۾ هو علي بابا نالي سان مشهور ٿيو. هو 27 آگسٽ 1940ع تي سنڌ جي ضلعي نوشهروفيروز (ڳوٺ ٻُٻر) ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو محمد يوسف بلوچ هو، جيڪو هڪ سادو زميندار هو. علي بابا ننڍپڻ کان ئي ذهين، حساس ۽ پڙهڻ جي شوقين هو. سندس ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان شروع ٿي، پوءِ نوشهروفيروز ۽ بعد ۾ حيدرآباد ۾ پڙھيو ۔ علي بابا تعليم دوران ئي ادب ڏانهن ڇڪجي آيو. هن پهريون افسانو هن 1960ع واري ڏهاڪي ۾ لکيو ـ

سنڌ جي ڌرتي هميشه فڪر، ادب ۽ فن جي حوالي سان زرخيز رهي آهي. اهڙي ئي ميدان ۾ هڪ روشن نالو علي بابا آهي، جيڪو پنهنجي لکڻين، فڪر ۽ نئين موضوعن سان سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ويو. سندس شخصيت ۽ تخليقن جو جائزو وٺڻ سان اهو واضح ٿئي ٿو ته علي بابا نه صرف هڪ ليکڪ هو پر هڪ فڪر جو علمبردار به هو ـ علي بابا جي خاندان مان اداڪار ساقي ۽ پي ٽي وي جو جي ايم عبدالڪريم بلوچ پڻ شوبز جي دنيا ۾ اڳ ۾ يئي قدم رکي چڪا ھيا ـ جن علي بابا جي جوڳي مدد پڻ ڪئي ـ

شروعات کان ئي هن ۾ ادب، شاعري ۽ لکڻين جو ذوق موجود هو، جنهن سبب هو صحافت ۽ ادب جي دنيا ۾ داخل ٿيو. علي بابا جي ادبي سفر جي شروعات ڪهاڻين سان ٿي. سندس پهريون افسانوي مجموعو سنڌي ادب ۾ نئين راهه کولڻ وارو ثابت ٿيو. هن ڪهاڻين ۾ انساني نفسيات، سماجي تضاد، محبت، غربت ۽ سياسي حالتن کي موضوع بڻايو. سندس افسانا صرف ڪهاڻيون نه پر سماج جو عڪس هئا. علي بابا ڪيترائي ڪتاب لکيا جن ۾ ڪهاڻين، ڊرامن ۽ مضمونن جا مجموعا شامل آهن. سندس مشهور ڪتابن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا ـ ڪهاڻين جا مجموعا ڪوڙا ڪفن خوابن جي موسم ڪنجهيءَ جا گل ـ سندس ڪيترائي ڊراما ريڊيو ۽ ٽي وي تي نشر ٿيا، جيڪي سماجي ۽ نفسياتي موضوعن تي ٻڌل هئا. علي بابا جا ڪيترائي ڪالم ۽ مضمون سنڌي رسالن ۾ ڇپيا، جن ۾ هو جديد فڪر، سنڌي قوميت انساني حقن ۽ سماجي نابرابري تي واضح موقف رکندڙ ھو ـ

علي بابا تقريباً 100 کان وڌيڪ ڊراما لکيا. دنگيءَ منجهه درياھ ـ  ڌرتي ڌيڪاڻا، سج گرهڻو مور اُڏاڻا مور ـ علي بابا ڪهاڻيون، ناول ۽ ڊراما گڏ ڪري لکيا، جن ۾ سندس ناول "موهن جو دڙو” ۽ "سنڌباد جو سفر” خاص طور نمايان آهن ـ

علي بابا جي لکڻين جي خاصيت اها هئي ته هو ڏاڍي سادگي سان پيچيده موضوعن کي بيان ڪندو هو. سندس ڪهاڻين ۾ انساني درد، محبت جي کوٽ، بيوفائي سنڌ جي تاريخ ۽ سماجي مسئلا نهايت حقيقت پسندي سان پيش ٿيل ھوندا هئا. هو پنهنجي تحريرن ۾ نه رڳو سماجي حالتن تي تنقيد ڪندو هو پر حل به پيش ڪندو هو ـ ھن سموري ڄمار سنڌ ۽ سنڌ واسين جي مک مسئلن کي پنھنجي لکڻين جو خاص موضوع بڻايو ـ موھن جو دڙو ناول ان جو روشن مثال آھي ـ  علي بابا جي لکڻين سنڌي سماج ۾ نئين فڪر کي جنم ڏنو. هن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ادب کي هٿيار طور استعمال ڪيو. خاص ڪري غربت ۽ طبقاتي فرق تي لکڻين سبب هو مظلوم عوام جو آواز بڻيو. علي بابا زندگي جي آخري دور تائين لکندو رهيو. هو ڪجهه عرصي لاءِ بيمار به رهيو، پر لکڻ کان باز نه آيو. سندس موت سنڌي ادب لاءِ هڪ وڏو نقصان هو، پر سندس لکڻيون اڄ به پڙهندڙن جي ذهن ۾ زنده آهن. علي بابا سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ليکڪ آهي، جنهن جديد سنڌي ادب کي نوان لاڙا ڏنا. سندس لکڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقت، انساني احساس ۽ سماجي سچائي سمايل آهي. علي بابا جا ڪهاڻيون ۽ ڊراما ايندڙ نسلن لاءِ هڪ اهم سرمايو آهن، جيڪي هميشه پڙهيا ويندا ۽ ياد رکيا ويندا. علي بابا جيڪو پنهنجي لکڻين، فڪر ۽ نئين موضوعن سان سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد سڃاڻپ قائم ڪري ويو آھي. علي بابا جي ادبي سفر جي شروعات ڪهاڻين سان ٿي.هن ڪهاڻين ۾ انساني نفسيات، سماجي تضاد، محبت، غربت ۽ سياسي حالتن کي موضوع بڻايو. سندس افسانا صرف ڪهاڻيون نه پر سماج جو عڪس هئا.علي بابا جي لکڻين جي خاصيت اها هئي ته سندس ڪهاڻين ۾ انساني درد، محبت جي کوٽ، بيوفائي ۽ سماجي مسئلا نهايت حقيقت پسندي سان پيش ٿيندا هئا. هو پنهنجي تحريرن ۾ نه رڳو سماجي حالتن تي تنقيد ڪندو هو پر آخر ۾ حل به پيش ڪندو هو.

علي بابا جو "دُنگي منجهه دَرياَھ” نالي ڊرامو جرمني جي شهر ميونخ ۾ پيش ڪيو ويو هو۔ هي سنڌي زبان ۾ لکيل ڊرامو 1976ع جي ميونخ جي عالمي ڊراما ميلي (International Drama Festival) دوران ڏيکاريو ويو، جتي تقريباً 79 ملڪن حصو ورتو ھو ۽ ڊرامي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي هئي  ـ ان کان علاوه، هيءُ ڊرامو سنڌي ادب ۾ هڪ منفرد ۽ معيار جي نمائندگي هو، تنهنڪري بين الاقوامي سطح تي تعريف ڪئي وئي. علي بابا انهيءَ ڊرامي لکڻ ۽ پيشڪش لاءِ خاص طور سڃاتو وڃي ٿو ـ ان ڊرامي ۾ سنڌ جي مھاڻن جي حقيقي زندگي جو مڪمل عڪس ڏيکاتيو ويو ھو ۽ ھي ڊرامو پي ٽي وي جو مقبول ترين سنڌي ڊرامو ثابت ٿيو ھو ـ جنھن جي نشر ٿيڻ وقت گھٽيون ۽ روڊ رستا ويران ٿي ويندا ھيا علي بابا جي لکڻين سنڌي سماج ۾ نئين فڪر کي جنم ڏنو. هن ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ ادب کي هٿيار طور استعمال ڪيو. خاص ڪري غربت ۽ طبقاتي فرق تي لکڻين سبب هو مظلوم عوام جو آواز بڻيو ـ

ٻڌايو وڃي ته 80 جي ڏھاڪي جي آمريت واري دور ۾ علي بابا کي سنڌي ماڻھن سنڌ جي ثقافتي لباس ۾ ڌاڙيلن جي ڪردارن تي ڊراما لکڻ جي ھدايت ڪئي وئي پر علي بابا سنڌي ڪلچر کي ڌاڙيل ڪلچر ڪري پيش ڪرڻ کان جواب ڏنو ۽ ٽي وي پرڊيوسر جي ڪمري ۾ ڪاوڙ وچان ڪرسي کي لت ھڻي اتان ھليو ويو ھو ـ علي بابا سنڌي ادب جو هڪ اهڙو ليکڪ آهي، جنهن جديد سنڌي ادب کي نوان لاڙا ڏنا. سندس لکڻين ۾ زندگيءَ جي حقيقت، انساني احساس ۽ سماجي سچائي سمايل آهي.

ھن 8 آگسٽ 2016ع تي وفات ڪئي ـ علي بابا جون ڪهاڻيون ۽ ڊراما ايندڙ نسلن لاءِ ھميشا سبق جو سبب بڻجندا رھندا ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.