عمرڪوٽ (رپورٽ: غلام مصطفيٰ مھر) جسٽس صلاح الدين پنهور عمرڪوٽ بار نئين چونڊيل باڊي کي حلف کڻايو، بار جي صدرشريف ڀيل آجياڻي دوران عمرڪوٽ جا مسئلا پيش ڪيا ۽ چيو ته عمرڪوٽ ۾ منشيات جو واهپو عام آهي هتي مسڪين ماڻهن کي ڪچي ٺري جي ٿيلي ۾ گرفتار ڪري مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويندا آهن ۽ وڏن منشيات فروشن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي ڪئي ٿي وڃي، مريضن کي ايمبولنس به سفارش کانسواءِ نه ٿي ملي، جسٽس صلاح الدين پنهور خطاب ڪندي چيو ته ماٿيلي ۾ قتل ٿيل صحافي نصر الله گڏاڻي جو به ڪيس مون وٽ آيو هو، سنڌ ۾ ته وڏو ڌاڙيل ڪلچر هلي رهيو آهي، ڪيس ۾ پهرين ڏينهن به نوٽيس ورتو هو پوليس سموري قاتلن سان گڏ هئي ۽ ڪجهه وڪيل دوست به انهن سان گڏ هئا پر مون چيو ته مون کي اهڙي چيف جسٽسي نه کپي جو ڪنهن بي گناھه سان انصاف ڪري نه سگهان، هن وڌيڪ چيو ته آئون ته سکر ۾ وڃي پريشان ٿي ويس اتي جا ايس ايس پيز ۽ ڊي آئي جيز مون وٽ ايندا هئا ۽ چوندا هئا اسان ڪجهه به نه ٿا ڪري سگهون، مون چيو ته ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون ان کان بهتر آهي ته استعيفا ڏيئي ڇڏيون، هن وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ ڪٿي به سنڌ کان سواءِ لينڊ هولڊنگ نه وڌي آهي ۽ ڪوآپريٽو مهم انڊيا ۾ تمام وڏي هلي هئي پاڻ به 1995 ڪوآپريٽو سوسائٽي آيو پر ان ڪنهن به نه پڙهيو نه سمجهيو ۽ وري ان کي ڪوآپريٽو سوسائٽي ايڪٽ جو نالو ڏيئي ڇڏيو پر ۾ گهرن جو ته نالو به ڪو هو ۽ ان تي به مون ڊٽيل سان ججمينٽ ڏني ۽ مون چيو ته هي ايڪٽ هارين لاءِ آيو آهي ۽ انهن تي ڪمپنيون ٺاهي انهن کي حق ڏنا وڃن هن وڌيڪ چيو ته اڄ مون عمرڪوٽ ۾ جيڪا تعليم جي صورتحال ڏٺي ته پريشان ٿي ويس ته سڄي سنڌ کان عمرڪوٽ ۾ تعليم جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي آئون ته حيران آهيان جو هيڏي وڏي شهر ۾ لائبريري به نه آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ ساڍا ٽي سئو کان چار سئو ڊگري ڪاليج آهن انهن مان ڪنهن به ڪاليج ۾ ڊگري چار سالن جي نه آهي، اڄ سنڌ ۾ ستيتاليه ڊگري ڪاليج آهن جن مان ڪجهه اي ڊي پروگرام شروع ڪيا آهن توهان جي بي اي سي ڊگري ڪاليجن ۾ توهان جي بي اي اڄ کان سٺ سالن کان اهو فراڊ هلندو آيو پئي اهو فراڊ مون جج جي حيثيت ۾ پڪڙيو، هن وڌيڪ چيو ته اسان هارين جي مسئلن جا ته جج به ناهيون ۽ اسان ان صورت ۾ جج آهيون جڏهن ڪنهن جو مٿو ڦاٽي ۽ ڪيس داخل ٿئي پوءِ انهن جا جج آهيون، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ، جان علي جوڻيجو، ماما يوسف لغاري، شير محمد وساڻ، نندڪمار گوڪلاڻي ۽ ٻيا موجود هئا.
عمرڪوٽ: سپريم ڪورٽ جو جسٽس صلاح الدين پنھور ھڪ ڏينھن جي دوري تي عمرڪوٽ پھتو جتي هن گورنمنٽ بوائز ڊگري ڪاليج عمرڪوٽ ۾ پنهنجي ڀاءُ مرحوم جلال الدين پنهور جي نالي سان قائم ڪيل ڪمپيوٽر ليب جو افتتاح ڪري ڪلاس روم وزٽ ڪيا ۽ شاگردن کان تعليمي سرگرمين بابت حال احوال ورتو، ان موقعي تي پوليس طرفان جسٽس صلاح الدين پنھور کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو پر جسٽس گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ پوليس کي هدايتون ڪيون ته گارڊ آف آنر مونکي نه پر استادن کي پيش ڪيو، گارڊ آف آنر جا حقدار استاد آهن، آئون عام ماڻهو آهيان، جسٽس پاڻ شاگردن سان گڏ بيھي استادن کي سلام پيش ڪيو، ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪندَي جسٽس صلاح الدين پنھور چيو ته استاد عظيم پيشو آهي استاد جي عزت اسان تي فرض آهي، استادن جي ڪري اسان هن منصب تي آهيون، عمرڪوٽ ۾ نياڻين جي تعليم ڪٿي نظر نٿي اچي ان جا اسان سڀ ذميوار آھيون، نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏيارڻ وقت جي ضرورت آهي، هن چيو ته مون سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي شاگردن جي اکين ۾ جوت ڏٺي آهي، اڄ هتي اچي خوشي ٿي ته شاگردياڻيون تعليم لاءِ اڳتي اچن پيون، پر اسان کي انهن لاءِ حقيقي سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن، سنڌ جو شاگرد صرف ڪتاب تائين محدود نه هجڻ کپي، ان کي ليب، وائي فائي، ريسرچ، ۽ سولر انرجي تائين رسائي حاصل هجڻ کپي، مسئلن بابت ماڻھو ڪورٽن ۾ پٽيشنز فائل ڪن، معاشري ۾ صحافين جو به اھم ڪردار آھي، سچ لکن ۽ اسان کي به سچ چون، ان موقعي جسٽس صلاح الدين پنھور پاران ڪاليج ۾ ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو، شاگردن شاگردياڻين پاران درپيش مسئلن بابت آگاہه ڪيو، جنھن تي جسٽس صلاح الدين پنھور سي ايم او سيد ساجد علي شاهه کي ڪمپيوٽر ليب لاءِ ٻه ايئرڪنڊيشنر لڳائڻ جو حڪم ڏنو ۽ ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ کي ليب ۾ سولر سسٽم ۽ ڪاليج ۾ پاڻي جي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ، ڊائريڪٽر ڪاليجز ميرپورخاص ميرچند اوڏ، پرنسپال گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج پروفيسر عبدالرئوف سومرو، پروفيسر پرتاب راءِ ميگھواڙ، ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نويد الرحمان لاڙڪ ۽ ٻيا اعلي عملدار موجود ھئا.