آل پارٽيز ڪانفرنس اسلام آباد کان سنڌ کي ڇا مليو؟

تحرير: جڳديش آهوجا

سنڌ جي آزادي پسند، قوم پرست، ترقي پسند ۽ سيڪيولر ڌرين کي پاڪستان تحريڪِ انصاف ۽ محمود خان اچڪزئي جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل مخالف ڌر جي اتحاد "تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان  بابت ڪيترائي خدشا رهيا آهن.هي اتحاد 8 فيبروري 2024ع جي ڌانڌلي تي ٻڌل اليڪشن خلاف تحريڪ هلائڻ جي مقصد سان وجود ۾ آيو، جنهن ۾ شروعاتي طور ڇهن پارٽين اتفاق ڪيو: پاڪستان تحريڪ انصاف، پختونخوا ملي عوامي پارٽي، بلوچستان نيشنل پارٽي، مجلس وحدت المسلمين، جمعيت علماءِ اسلام (شيراني) ۽ سني اتحاد ڪائونسل.

جناب سردار اختر مينگل کي ذميواري ڏني ويئي ته هو سنڌ جي قوم پرست پارٽين سان رابطا ڪري انهن کي هن مخالف ڌر اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏين. شروعات ۾ اختر مينگل صاحب سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه ۽ قومي عوامي تحريڪ جي صدر اياز لطيف پليجو وغيره سان رابطو ڪري، ساڻن گڏ هڪ مسودو پڻ موڪليو. سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي قيادت ان مسودي ۽ اتحاد جي نالي تي سوچي سمجهي، ان ۾ سنڌ جي ايجنڊا جا اهم نقطا شامل ڪرڻ ۽ اتحاد جو نالو تبديل ڪرڻ جون تجويزون تيار ڪيون.

27 اپريل 2024ع تي ايس يو پي جي صدر سيد زين شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري جگديش آھوجا، ڪراچيءَ ۾ سردار اختر مينگل سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هنن "گرينڊ اپوزيشن الائنس” جو نالو "نيشنل ڊيموڪريٽڪ الائنس” رکڻ جي تجويز ڏني ۽ مسودي ۾ پاڻي جي منصفاڻي ورهاست، ۽ "ايس آءِ ايف سي”  کي غير آئيني قرار ڏئي ختم ڪرڻ جا نقطا شامل ڪرڻ جون صلاحون پيش ڪيون. ان وچ ۾، سردار اختر مينگل تي رياستي عتاب پوڻ ڪري رابطن ۾ ڪجهه رنڊڪون آيون، پر پوءِ 22 اپريل 2025ع تي اڳڀرائي ٿي، جڏهن ٽي ٽي اي پي جي ڪنوينر محمود خان اچڪزئي جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي وفد ايس يو پي جي صدر زين شاهه سان رابطو ڪري، سنڌ جو دورو ڪيو ۽ سندھو دريا بچايو تحريڪ جي سرگرم حمايت جو اعلان ڪيو.

ان وفد ۾ محمود خان اچڪزئي سان گڏ اسد قيصر، سلمان اڪرم راجه، علامه ناصر عباس، لطيف کوسو ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ شامل هئا. ان وقت تائين ايس يو پي، 8 جولاءِ 2024ع تي ايونِ صدر ۾ ٿيل معاهدي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ملڪ گير حمايت حاصل ڪرڻ جي غرض سان ٽي ٽي اي پي ۾ شامل ٿيڻ جو اصولي فيصلو ڪري چڪي هئي. 22 اپريل تي ئي زين شاهه صاحب پنهنجي ڪراچي واري رهائشگاهه تي ٽي ٽي اي پي جي اڳواڻن کي رات جي مانيءَ تي سڏايو، جتي گڏيل ڪميٽي قائم ڪئي ويئي. 26 ۽ 27 اپريل تي اسلام آباد ۾ ٽي ٽي اي پي جي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويو، ۽ اڳتي هلي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي باضابطه طور "تحريڪِ تحفظِ آئين پاڪستان” جو حصو بڻي.

16 جولاءِ 2025ع تي ٽي ٽي اي پي جي پهرين مرڪزي باڊي تشڪيل ڏني ويئي، جنهن موجب چيئرمين محمود خان اچڪزئي، سيڪريٽري اسد قيصر، ۽ علامه ناصر عباس، مصطفى نواز کوکر، اختر مينگل ۽ سيد زين شاهه کي وائيس چيئرمين مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته صاحبزاده حامد رضا کي سيڪريٽري اطلاعات ۽ اخونزاده حسين يوسف زئي کي ترجمان مقرر ڪيو ويو.

ان نئين ترتيب بعد، 31 جولاءِ ۽ 1 آگسٽ 2025ع تي اسلام آباد ۾ ٻه ڏينهن واري آل پارٽيز ڪانفرنس منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪ جي 32 پارٽين ۽ اهم سياسي شخصيتن شرڪت ڪئي.سنڌ مان چار سياسي پارٽين جي اڳواڻن، انهن جي وفدن ۽ ٻن اهم شخصيتن شرڪت ڪئي، جن سڀني سنڌ جي مسئلن ۽ سنڌ ڪيس کي چڱي ريت اجاگر ڪيو، جنهن کي فائنل ڊڪليئريشن ۾ خاص اهميت ڏني وئي.

  • آل پارٽيز ڪانفرنس ۾ شريڪ 32 پارٽين ۽ سياسي شخصيتن متفقه راءِ سان 8 جولاءِ 2024ع تي ايونِ صدر ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو ڪمپنيءَ سان ڪيل معاهدي کي غير آئيني قرار ڏئي، ان تي ترت عملدرآمد روڪڻ ۽ ان کي منسوخ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ـ اهو ئي معاهدو آهي، جنهن کي سنڌ جي لکين ماڻهن پرامن تحريڪ ذريعي رد ڪيو. آل پارٽيز ڪانفرنس، سنڌ جي ان اٿاه آواز جي ترجماني ڪندي ان مطالب کي قبول ڪيو.
  • ڪانفرنس، ايس آءِ ايف سي (اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل) جي قيام کي 18هين ترميم ۽ آئيني روح جي خلاف ورزي قرار ڏئي، ان جي خاتمي جو مطالبو ڪيو.
  • ڪانفرنس، ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي ملڪ جي عوام کان 48 لک ايڪڙ زرعي زمين کسي، ان کي فوجي يا غير ملڪي ڪمپنين کي لِيز تي ڏيڻ جي منصوبي کي مڪمل طور رد ڪندي، انهيءَ تحت حاصل ٿيل زمينن جون لِيزون ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
  • ڪانفرنس، اهو به مطالبو ڪيو ته ڪنهن به اهڙي نهري منصوبي تي، جيڪو لوئر ريپيرين، درياءِ سنڌ جي وهڪري يا انڊس ڊيلٽا کي متاثر ڪري، قومي اتفاقِ راءِ کان سواءِ عمل نه ڪيو وڃي ـ جيڪڏهن ڪو اهڙو منصوبو زيرِ تعمير آهي ته ان کي ترت روڪيو وڃي.
  • اتفاق راءِ سان، ڪانفرنس جبري گمشدگين، جبري مذهب جي تبديلي، جنسي ڏاڍائي، ۽ ناموس جي نالي تي قتلن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ انهن جي روڪٿام لاءِ سخت اپائن جو مطالبو ڪيو.
  • ڪانفرنس، تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم ذريعي اين ايف سي ايوارڊ ۾ صوبن جي مالي حصي ۾ واٽ گهٽائڻ واري منصوبي کي پاڪستان جي وجود تي سڌي ڌڪ جي برابر قرار ڏنو.
  • ڪانفرنس، رڳو مينڊيٽ جي بحالي نه، پر سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان ۽ ٻين علائقن جي مخصوص مسئلن بابت به واضح ۽ مضبوط موقف اختيار ڪيو.
  • سنڌ ڪيس جي نمائندگي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه، عوامي تحريڪ جي صدر وسند ٿري، قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، عوامي جمهوري پارٽي جي نورنبي راهوجو، جي ڊي اي جي جنرل سيڪريٽري صفدر عباسي، ۽ سينيئر پارليمنٽرين سيد ظفر علي شاهه ڪئي.
  • سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي وفد ۾ مرڪزي صدر سيد زين شاهه، جنرل سيڪريٽري جگديش آھوجا، جوائنٽ سيڪريٽري اصغر قريشي، سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪاميٽي جي فتح محمد خاصخيلي، صدر سکر ڊويزن بشير لُنڊ ۽ ايس يو پي اسلام آباد جي اڳواڻ گلشن لغاري شامل هئا.
  • آل پارٽيز ڪانفرنس جو ڊڪليئريشن، مصطفى نواز کوکر ۽ محسن سيد سڀني پارٽين جي راءِ وٺي تيار ڪيو، جنهن سان گڏ جگدیش آھوجا، سنڌ ايجنڊا جا اهم نقطا ڊرافٽ ۾ شامل ڪرائڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو.
  • جنهن مقصد لاءِ اسان ٽي ٽي اي پي ۾ شامل ٿيڻ جو ايترو وڏو ۽ ڏکيو فيصلو ڪيو هو، انهيءَ ڏس ۾ هيءَ هڪ وڏي اڳڀرائي آهي. اسان سمجهون ٿا ته آل پارٽيز ڪانفرنس جي ذريعي اسان سنڌ جي عوام جي قومي سطح تي حقيقي ترجماني ڪئي ۽ 32 پارٽين جي متفقه راءِ سنڌ ڪيس کي وڏي اخلاقي ۽ سياسي پٺڀرائي فراهم ڪئي آهي.
  • سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي صدر ۽ ٽي ٽي اي پي جي وائيس چيئرمين جي حيثيت سان سيد زين شاهه کي سنڌ جي قوم پرست ۽ ٻين پارٽين سان رابطا ڪرڻ ۽ انهن کي مدعو ڪرڻ جي ذميواري سونپي ويئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪي پارٽيون ۽ شخصيتون شريڪ ٿيون، تن جي مهرباني ـ ۽ انهن جي به مهرباني، جيڪي اسان تي تنقيدن جا تير وسائيندا رهيا. سڀ خوش رهو، جگ جگ جيئو!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.