پنجين آگسٽ وارو شو فلاپ يا ڪامياب؟

تحرير: غلام حسين لغاري

پي ٽي آءِ پنجين آگسٽ تي جنهن نموني پنهنجي سگهه جو مظاهرو ڪيو اهو سڀني ڏٺو ٻڌو ۽ پرکيو۔عمران خان جي گرفتاري کي ٻه سال پورا ٿيڻ ۽ انجي آزادي لاءِ پي ٽي آءِ پنهنجي اتحادي جماعتن سان گڏجي پوري ملڪ اندر ۽ ملڪ کان ٻاهر مختلف ملڪن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا وڏو مظاهرو اڊيالا جيل ٻاهران ٿيڻو هو پر سخت سڪيورٽي هجڻ ڪري ڪامياب نه ٿي سگهيو جو مظاهرين جي راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون ويون سخت شيلنگ ڪئي وئي ۽ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو۔لاهور پشاور اسلام آباد ڪراچي سميت ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي ريليون نڪرندي آيون ۽ اهي به اطلاع آهن ته سوين پي ٽي آءِ ڪارڪن ۽ اڳواڻ پوليس هٿان سوڳها به ٿيا آهن ڪجهه کي بعد ۾ آزاد به ڪيو ويو۔ن ليگ جي هڪ اڌ اڳواڻن راڻا ثناءِ الله ۽ اقليتن واري وفاقي وزير کيئل داس ڪوهستاني جا بيان منظرعام تي آيا آهن جن موجب پي ٽي آءِ شو فلاپ ويو آهي پاڪستانين اهڙي شو کي رد ڪري ڇڏيو آهي ڪير به ٻاهر نه نڪتو۔هن احتجاج کي ٻاهرين دنيا ۽ اتان جي چئنلن به ڪور ڪيو جن احتجاج کي ڪامياب ٿيندي ۽ ڪارڪنن مٿان ٿيندڙ کلي عام تشدد کي به ڏيکاريو ۽ اها دعوي ڪئي ته پي ٽي آءِ پنهنجي سگهه ڏيکارڻ ۾ ڪافي ڪامياب وئي آهي۔

پي ٽي آءِ جي سربراهه اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جيڪو هن وقت اڊيالا جيل ۾ قيد آهي انجا پٽ قاسم ۽ سليمان جيڪي پنجين آگسٽ تي پاڪستان ورڻا هئا ۽ ويزا لاءِ لنڊن ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾  درخواست ڪئي هئي تن جي درخواست کي به رد ڪري ويزا ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو جنهنڪري اهي وقت تي پاڪستان تي اچي نهن سگهيا نه وري پنهنجي والد سان ملاقات ڪري سگهيا جنهن جو اهو سبب ٻڌايو پيو وڃي ته عمران جي پٽن جي پاڪستان اچڻ تي حالات خراب ٿيڻ جو انديشو هو۔پي ٽي آءِ قيادت سليمان ۽ قاسم کي ويزا نه ڏيڻ واري قدم جي سخت مزاحمت ڪندي اهڙي قدم کي انساني حقن جي پائمالي سڏيو آهي۔حڪومت پي ٽي آءِ جي سرگرم اڳواڻن ۽ اسيمبلي ميمبرن کي نائين مئي وارن ڪيسن ۾ سزائون ڏئي نااهل ڪري پي ٽي آءِ جي سگهه ڪمزور ضرور ڪئي آهي پر ڏسجي ته پنجين مئي وارو پي ٽي آءِ شو فلاپ گهٽ ڪامياب وڌيڪ ٿيو آهي جنهن ۾ هزارن جي انگ ۾ ماڻهو روڊن تي نڪتا ۽ پنهنجو پرامن احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ۽ ڪٿي به ڪنهن قسم جي ڪا خاص هنگامه آرائي نظر نه آئي۔بهرحال پي ٽي آءِ هاڻ وڌيڪ ڪهڙو ٿي رد عمل ڏيکاري احتجاجن جو سلسلو ٻيهر ڪڏهن ٿي شروع ڪري فيصلو پاڻ ڪندي پر ان ڳالهه کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ته پي ٽي آءِ شو فلاپ ويو آهي ن ليگ کي بلند ٻانگ تسليم ڪرڻو پوندو ته اڊيالا جيل ۾ قيد هڪ بيوس ماڻهو جي سڏ تي هزارين ماڻهو نڪري سگهن ٿا انجي پارٽي ۽ ووٽر کي ڪمزور ڪرڻ تمام ڏکيو ٿيندو بنا ڪنهن شرط جي ڌرين کي ڳالهين جي ميز تي اچڻو پوندو ۽ پاڪستان کي دنيا اندر تماشو بنائڻ کان پري رهڻ جي ضرورت آهي۔حڪومت کي پنهنجي ڪمزورين ۽ ڏاڍاين کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ پرامن منصفاڻين نين چونڊن لاءِ راهه هموار ڪرڻ وقت جي سخت ضرورت آهي جنهن سان ئي ملڪ کي بچائي ترقي ۽ خوشحالي طرف کڻي وڃي سگهجي ٿو۔  حڪومت 26 ترميم جي خامين تي غور ڪرڻ ۽ 27 هين ترميم آڻڻ لاءِ جيڪا آڇ ڪئي آهي هڪ مثبت سوچ آهي پر اها آڇ ڪهڙي مخالف ڌر کي ڏني وئي آهي جڏهن ته مخصوص مخالف ڌر جا اڌ کان مٿي اسيمبلي ۽ سينيٽ ميمبر نائين مئي وارن ڪيسن ۾ سزائون ماڻي نااهل ٿي چڪا آهن جن جي جاءِ تي نيون چونڊون ٿيڻيون آهن۔جڏهن مخالف ڌر تي نائين مئي ڪرڻ جا الزام آهن ته انهن سان ڳالهيون ڪهڙي بنياد تي ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي آهي۔ن ليگ ته ملڪ دشمنن ۽ دهشتگردن سان ڳالهين ڪرڻ جي به خلاف رهي آهي هاڻ نرمي ڪهڙي سبب ڪئي پئي وڃي۔ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ن ليگ ۽ حڪومت کي پي ٽي آءِ جي سگهه کي غير مشروط تسليم ڪرڻو پوندو انهن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل سمورا ڪيس ختم ڪري باعزت بري ڪري ڳالهين جي ميز تي آڻڻ گهرجي ته جيئن ملڪ ۽ قوم جي مفاد وٽان گڏيل فيصلا ڪري ملڪ کي جمهوريت جي پٽڙي تي آڻڻو پوندو ۽ انتقامي ڪارواين وارو هلندڙ پراڻو طريقو ختم ڪرڻو پوندو باقي ٻيو ڪو هاڻ رستو رهيو ئي ناهي جنهن سان جمهوريت کي مستحڪم ڪري سگهجي۔ڪنهن جو شو فلاپ ٿيو ڪنهن جو ڪامياب ٿيون هاڻ ملڪ ۽ قوم کي اهڙن بحثن مان ٻاهر ڪڍڻ جي سخت ضرورت آهي۔

بهرحال حڪومت پنجين آگسٽ پي ٽي آءِ شو کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻ جو ارادو رکي ٿي ڳالهيون ڪندي يا ڳالهين جا دروازا بند ٿي ڪري اهو فيصلو حڪومت ۽ ن ليگ کي ڪرڻو آهي پر اهي اطلاع آهن تي عمران خان کي بني گالا منتقل ڪرڻ کان اڳ کيس نئين تعمير ٿيل ماڊل جيل اسلام آباد منتقل ڪرڻ جو تياريون ٿي رهيون آهن ته جيئن هو باآساني عدالتن ۾ روبرو پيش ٿي سگهي   جنهن لاءِ حڪومت تي به ڪجهه دٻاءِ پئجي رهيو آهي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.