علي محمد اُڏيرائي ۽ فوزيه سومرو ٻئي ھڪ ٻئي جي آڌار تي ھيا اُڏيرائي جا گيت ۽ فوزيه جو آواز اسان ته ننڍڙا ھئاسين ڳوٺن ۾ سيلن تي ھلڻ وارا ساڃيو ڪمپني جو ٽيپ ھوندو ھو اسان جا وڏڙا ان وقت تي گذر خاطر لانچن ۾ ابراھيم حيدري ويندا ھئا جڏھن ھو واپس ايندا ھئا ته ليمارڪيٽ مان سيل ۽ فوزيه جي ڪيسٽ وٺي ايندا ھئا شايد ھڪ روپئي ۾ ڪيسٽ ملندي ھئي سيل ھڪ روپئي جا ڇھه ملندا ھئا پوءِ سڀ ڳوٺ وارا سڀئي گڏجي فوزيه ٻڌندا ھئاسين. ھر ڪلام ۾ اُڏيرائي جو ذڪر ھوندو ھو ڪنھن کي اھا ڄاڻ نه ھئي ته ھي ڪلام لکندڙ اُڏيرائي آھي ماڻھو چوندا ھئا فوزيه اُڏيرائي جي عشق ۾ اُڏيرائي کي سڏ پئي ڪري روئي پئي بهرحال اُڏيرائي سان منھنجي ڪا ملاقات يان سڃاڻپ نه ھئي.
علي محمد اڏيرائي 5 اپريل 1967 ۾ تاريخي ڳوٺ اڏيرو لعل ۾ جنم ورتو جيڪو تعلقو گھوڙا ٻاري آھي . ورھاڱي کان اڳ اتي چون ٿا ڪافي ھندو رھندا ھئا. اُڏيرو لعل مندر به پراڻو اتي موجود آھي ھنن جو خاندان اڏيرو لعل ۾ جي تاريخ ۾ اول بنيادي طور اچي آباد ٿيو. صدين جي تاريخ رکندڙ خانداني سلسلي ۾ محمد اسماعيل کٽي جي گهر علي محمد اڏيرائي جنم ورتو. سندس 12 سال عمر ھئي ته سندس والد وفات ڪري ويو سندس امڙ ۽ وڏن ڀائرن جي پاڇي ۾ پرورش پاتائين
سندس پھريون گيت افسوس نه ڪر اي دل تنھنجو دلبر يار موٽي ايندو ،پر ڪونه موٽيو افسوس ئي رھجي ويو پوءِ ته شاعري جي مٿس پالوٽ ٿي ويئي پنھنجا ھيڻا حال ڪري ڇڏيائين سندس ڀائيٽي غلام رسول کٽي ٻڌايو ته چا چا ماچيس پيو وڄائيندو ھو اسان ننڍڙا ھوندا ھئا سين سوچيندا ھئا سين چاچا چريو ٿي ويو آهي سندس ڪيسٽ ڪلامن جي سجاول مان شروع ڪيائين. رڪارڊنگ ٿيڻ شروع ٿيا تقريبن شاعري ماڃر اسٽوڊيو ۾ رڪارڊنگ ڪرائيندو ھو اڳيان ھلي انھن ساڻس غداري ڪئي اھي کٽي آھن جيڪي اڄ تائين علي محمد اڏيرائي جا ناياب ڪلام لڪايو ويٺا آهن ان وقت فوزيه جو آواز اُڏيرائي جي شاعري ۾ جهر جهنگ گونجندو هو. سندس شاعري ڪافي فنڪارن ڳائي آھي پر جھڙي شھرت فوزيه جي آواز ھن کي ڏئي تھڙي ڪنھن به نه ڏني ان کان پوءِ ناز پروڊڪشن، پوءِ آخر ٿر پروڊڪشن سان ڪم ڪيائين. 1994 سجاول ۾ سندس موٽر سائيڪل تي ايڪسيڊنٽ ٿيو پيشاني تي ڌڪ لڳو هيس اسپتال ۾ علاج دوران فالج ٿي پيس. سندس ڀاءُ يوسف واڍي وڏا علاج ڪرايس ڪمپني وارن ٿرپروڍڪشن مالڪ حسن علي شاھ علاج لاءِ پئسا ڏيندو ھوس فالج جو اثر ڪافي گھٽ ٿي ويس بيماري واري حالت ۾ اسپتال توڙي گھر شاعري گيت جيئن جو تيئن تخليق ڪندو رھيو آخر ھلندي 2003۾ ڪرنگھي جي ھڏي جو آپريشن ڪرايائين. پاڻ اڃا اسپتال ۾ ھو ته سندس وڏو ڀاءُ محمد عمر کٽي جيڪو ساڪري ۾ رھندو ھو وفات ڪري ويو
اسپتال کان اچي سندس ڀاءُ جو آخري ديدار ڪيائين
زندگي جو سفر ھلندو رھيو ته وڏي ڀاءُ يوسف واڍي ھن جي 2005 ۾ شادي ڪرائي. شادي ڪرڻ کان پوءِ هن شاعري گهٽائي ڇڏي. ڪيسٽ جو دور به پڄاڻي تي اچي پهتو. شاعر فنڪار بيروزگار ٿي ويا ھن جي نالي سان اباڻي زمين چار ايڪڙ حصي تي آيل ھئاس جيڪي کپائي گھاري شھر ۾ گھر ورتائين
بهرحال زندگي تنگ گذرندي ھئس. معاشي وسيلا ھن جا سڀ ختم ٿي ويا ھر ڏينهن تي ھن جي پريشاني ۾ اضافو ٿيندو رھيو آخر 8 مارچ 2020 ۾ سندس وڏو ڀاءُ پنھنجي آخري سفر ڏانهن روانو ٿيو ڀاءُ جي وفات ڪرڻ کان پوءِ ڳوٺ ۾ پورا 10ڏينهن رھيو جنهن ۾ ڪافي وڇوڙن جا گيت لکيائين . جون جي مھيني 15 تاريخ تي گهر ۾ ڪرڻ سان پاسڙاٽيون ڀڄي پيس. غربت مفلسي سبب ڪنهن وڏي اسپتال مان علاج نه ٿيو جنهن جي ڪري 7 آگسٽ 2020 جي رات وڃي پنھنجي حقيقي مالڪ سان مليو.
مجاھد ڪلمتي ٻڌايو ته اُڏيرائي لاڙ ۾جھڙو شاعر ٿي گذريو اھڙو وري ڪونه ٿيو. مجاھد ئي ھر سال اُڏيرائي جي ورسي تي سنگت سان ايندو آھي باقي اُڏيرائي ڪنھن کي ياد نه آھي جنھن جا گيت اڄ به ماضي جيان گونجن ٿا. فوزيه جي آواز ۾ تون به ڇڏي وئين ڙي جاني تون به ڇڏي وئين ڏک ۾ڏسي شاعر عاجز سمون ٻڌايو ته اُڏيرائي سندس گھاٽو دوست ھيو سندس زندگيءَ ۾ گھڻيون تڪليفون ھيون سنڌ م سندس شاعري اڄ به زندھ آھي. ٿر پروڊڪشن جي مالڪ کيس گھر ٺھرائي ڏنو سونو تاج پارايو افسوس سياحت ۽ثقافت کاتي کي به اُڏيرائي ياد ناھي جو سندس ورسي ملهائي ڪو ننڊڙو پروگرام رکي