سڙيل زخمن جو مسئلو حَل:سائنسدانن خاص پَٽي تيار ڪري ورتي

چيني سائنسدانن تيز سڙيل زخمن جي علاج دوران سرجري ۾ رت جي وهڪري واري مسئلي جو بهترين حل ڳولي لڌو آهي.

شينزين انسٽيٽيوٽ آف ايڊوانسڊ ٽيڪنالاجي ۽ روجِن اسپتال جي محققن اهڙن زخمن لاءِ بيڪٽيريل سيلولوز نالي مواد مان هڪ خاص پٽي (bandage) تيار ڪئي آهي، جيڪا هوا مان گذرڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ جسم لاءِ نقصانڪار ناهي.

اها رڳو عام پٽي ناهي، پر ان ۾ رت ڄمائيندڙ هڪ قدرتي خميرو "ٿرومبن (Thrombin)” شامل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اها پٽي بايو ايڪٽو (Bioactive) بڻجي وئي آهي.

ڇاڪاڻ ته ٿرومبن اڪيلي حالت ۾ پٽي تي گهڻي دير تائين ٽڪي نٿو سگهي، ان ڪري سائنسدانن ان سان گڏ هڪ خاص "بايولوجيڪل گلو ٽيگ" به شامل ڪئي آهي، جيڪا ٿرومبن کي پٽي تي مضبوطيءَ سان رکڻ ۾ مدد ڏئي ٿي. ان کي لڳائڻ لاءِ ٿرومبن واري پٽي کي هڪ خاص محلول ۾ وسائڻو پوندو.

هيءَ تحقيق "ايڊوانسڊ مٽيريلز" نالي ميگزين ۾ ڇپيل آهي، جنهن موجب ٿرومبن لڳايل هيءَ پٽي شاندار نتيجا ڏيکاري ٿي، اها رڳو 60 سيڪنڊن ۾ رت روڪي سگهي ٿي، انساني جلد سان مڪمل مطابقت رکي ٿي ۽ جسم کي پاڻمرادو زخم ڀرڻ جا اشارا به ڏئي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.