هٿرادو ڏاهپ صحت جي شعبي کي تيزيءَ سان مٽائڻ لڳي: جناح اسپتال ۾ ٻن ڏينهن جو ورڪشاپ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ ليپرواسڪوپي ۽ ويٽ لاس سرجري بابت ٻن ڏينهن واري ورڪشاپ دوران نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي سان لاڳاپيل طبي ماهرن چيو ته هٿرادو ڏاهپ (AI) هاڻي صحت جي شعبن جهڙوڪ انٽرنل ميڊيسن ۽ ريڊيالوجي ۾ اهڙيون سنهيون ڳالهيون به سڃاڻي ٿي، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن تجربيڪار ڊاڪٽرن کان به رهجي وڃن ٿيون.

پروفيسر جارج فرزلي ۽ ڊاڪٽر اليگزينڊر وو، جيڪي نيويارڪ مان آيل هئا، هن ورڪشاپ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پوسٽ گريجوئيٽس ۽ سرجري رزيڊنٽس کي جديد سرجري جي طريقن جي عملي تربيت ڏني.

هنن ٻڌايو ته AI نه رڳو سرجري جي ريسرچ کي بهتر بڻائي رهي آهي، پر روبوٽڪ سرجري جي ترقي سان مستقبل ۾ سرجري جي شڪل ئي بدلجي سگهي ٿي، جيتوڻيڪ ڊاڪٽر اڃا به آپريٽنگ روم ۾ موجود رهندا.

پروفيسر شاهد رسول، جناح اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر، چيو ته اهڙا ورڪشاپ عالمي معيار جون جديد ٽيڪنيڪون سکڻ لاءِ اهم آهن. هن زور ڏنو ته ليپرواسڪوپي تي عبور حاصل ڪرڻ کان پوءِ ئي روبوٽڪ سرجري سکي سگهجي ٿي، ۽ ايندڙ 20 سالن ۾ به روبوٽ انسانن جي جاءِ نٿا وٺي سگهن.

نيويارڪ يونيورسٽي جي رزيڊنٽ ڊاڪٽر دينا هاني، جيڪا ضياءُالدين يونيورسٽي جي گريجوئيٽ آهي، چيو ته ڪراچي ۾ سرجري ٽيم سان گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو انتهائي سٺو رهيو ۽ هتي جي شاگردن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي.

ورڪشاپ کان پوءِ پاڪستان جي واحد رجسٽرڊ سوسائٽي Pakistan Society of Metabolic and Bariatric Surgery (PSMBS) جي تقريب حلف برداري ٿي، جنهن جي صدارت پروفيسر شاهد رسول ڪئي.  ان جو مقصد پاڪستان ۾ ٿولهه ۽ ان سان لاڳاپيل بيمارين جهڙوڪ ذيابيطس، هاءِ بلڊ پريشر، ڪوليسٽرول وغيره خلاف علاج، آگاهي، تحقيق ۽ پاليسي جي سطح تي سرگرم هجڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.