لڳاتار رات جي شفٽ (Night Duty) ڪرڻ وارن ماڻهن کي سنگين صحت جا خطرا لاحق ٿين ٿا. صحت جي ماهرن بار بار خبردار ڪيو آهي ته اهڙو معمول صحت لاءِ ڪيترن ئي پاسن کان نقصانڪار ٿي سگهي ٿو.
مطالعي مان ثابت ٿيو آهي ته لڳاتار نائٽ ڊيوٽي ڪرڻ سان ڊپريشن ۽ اينگزائٽي جو خطرو وڌي ويندو آهي. ننڊ جو مدو خراب ٿيڻ ڪري يادگيري، ڌيان ۽ فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿيندي آهي.
اهڙيءَ ريت سڄي رات جاڳڻ سبب انسولين، ميلاٽونن ۽ ڪورٽيسول جهڙا اهم هارمونز بي ترتيب ٿي وڃن ٿا، جنهن سان ذيابطيس، ٿولهه ۽ هاءِ بلڊ پريشر جا خطرا وڌي وڃن ٿا.
ماهرن اهو به ڄاڻايو آهي ته جسم جو قدرتي نظام متاثر ٿيڻ سبب هاضمو، مدافعتي نظام (Immunity) ۽ رت جو وهڪرو به متاثر ٿيندا آهن. جيڪي ماڻهو ڊگهي عرصي تائين نائٽ شفٽ تي ڪم ڪندا آهن، انهن جي مدافعتي قوت به ڪمزور ٿي ويندي آهي.
ماهرن موجب رات جي شفٽ ڪرڻ وارن ۾ دل جي دوري ۽ اسٽروڪ جا امڪان به وڌي سگهن ٿا. ڪيترن ئي ماڻهن کي ڏينهن جو صحيح ننڊ نٿي اچي، جنهن سبب مزاج جي چڙچڙائپ، ٿڪاوٽ ۽ ڪم جي ڪارڪردگي ۾ گهٽتائي اچي ٿي. اهڙن ماڻهن لاءِ ضروري آهي ته ڏينهن جي وقت ۾ خاموش ۽ اونداهي ماحول ۾ گهري ننڊ ڪن.
نائٽ ڊيوٽي ڪندڙ ماڻهن کي گهرجي ته ڪيفين (جهڙوڪ ڪافي) ۽ گهڻي کنڊ کان پاسو ڪن. ڊيوٽي شيڊول ۾ جيڪڏهن ممڪن هجي ته روٽيشن رکن ۽ خوراڪ ۾ سايون ڀاڄيون، ميوا، دالون ۽ پاڻي جو استعمال وڌائين. ان سان گڏوگڏ وقت بوقت طبي معائنو ضرور ڪرائين.