نواز شريف ۽ حمزا شهباز اسيمبلي ڇو نٿا اچن؟ محمد زبير

اسلام آباد (م ڊ) هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي اڳوڻي گورنر محمد زبير چيو آهي ته عام طور تي اهو سمجهيو ويندو آهي ته اسيمبلي ۾ وڃڻ گهرجي، 2022 ۾ بي اعتمادي رٿ ٿي ته گهڻو ڪري پي ٽي آءِ ميمبر اهو سمجهن ٿا ته اهو فيصلو درست نه هو ته اوهان اسيمبلي مان نڪري وڃو. هڪ سياسي پارٽي جون 17 کان 20 سيٽون هيون، اها ويٺي آهي، دنيا جي تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو، اهي کٽيا ئي نه هئا. نواز شريف قومي اسيمبلي جو ميمبر آهي، حمزا شهباز اسيمبلي جو ميمبر آهي، ڇو نٿو اسيمبلي اچي؟ نواز شريف مري ۾ ويٺو آهي، حمزا شهباز لاهور ۾ وٺو آهي، صحتياب آهن ته ڇو نٿا اچن؟ ان تي ڪير سوال نٿو اٿاري؟ پ پ اڳواڻ قمر زمان ڪائرا چيو ته هنن اسپيڪر کان اجازت ورتي هوندي، يا درخواست ڏني هوندي ته شيخ وقاص ڪيسن ۾ گهربل آهي، هو غير حاضر آهي. اسان اسيمبلي ۽ ٻاهر احتجاج ڪندا هئاسين، احتجاج جو حق هجڻ گهرجي پر دائري ۾ هجڻ گهرجي.

  1. لاڳيتو غير حاضري تي شيخ وقاص جي سيٽ به خطري ۾

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي مان لڳاتار غير حاضري تي پي ٽي آءِ ميمبر شيخ وقاص اڪرم جي سيٽ خطري ۾ پئجي وئي آهي، قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اسپيڪر اياز صادق، غير حاضري تي شيخ وقاص اڪرم کي وارننگ ڏني ۽ سندس رڪنيت ختم ڪرڻ جو اشارو ڏنو، ان تي پي ٽي آءِ جي ملڪ عامر ڊوگر چيو ته هر سطح تي اسان کي بلاڪ ڪيو پيو وڃي، اهڙو ڪو مثال ڏيو ته ڪنهن کي موڪل وٺڻ باوجود اسيمبلي جي سيٽ کان محروم ڪيو ويو هجي، ٻئي پاسي شيخ وقاص چيو ته مون هر ڀيري موڪل جي درخواست اسپيڪر آفيس کي ڏني آهي، ٻڌائي ته اهي درخواستون ڪٿي آهن؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.