اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ سميت اختيار ۽ وسيلا ٻن خاندانن بدران عوام ڏانهن منتقل ڪيا وڃن. شريف ۽ زرداري خاندان ڏهاڪن کان ملڪ تي قابض آهن ۽ اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن،هن چيو ته .پاڪستان تحريڪِ انصاف کي کلي عام اختيارن جي منتقلي جي حمايت ڪرڻ گهرجي. پنهنجو ناتو عوام سان رکڻ ئي اصل سياست آهي ۽ بااختيار عوام ئي اصل جمهوريت آهي!عوام جو پئسو صرف عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي هن پ پ تي ٽوڪ ڪندي لکيو ته ”سنڌ اسان جي ماءُ آهي“ پر رهڻو اسان دبئي ۾ آهي، پراپرٽي دبئي ۾ ٺاهڻي آهي، سنڌ جو سمورو پئسو دبئي کڻي وڃڻو آهي پر سنڌ اسان جي ماءُ آهي،هن چيو ته اهو پئسو جيڪو سنڌ جي عوام تي خرچ ٿيڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ان ئي پئسي مان اختيارن جي منتقلي خلاف سوشل ميڊيا تي ميڊيا مهم هلائي رهي آهي. ماڻهن کي نشانو بڻائڻ ۽ ان لاءِ سرڪاري وسيلا استعمال ڪرڻ، ماڻهن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي