ڪراچي(رپورٽر)سنڌ اسيمبلي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ٺهراءُ پيش ٿيڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي ميمبرن ”ڌرتي ماءُ آهي“ جا بينر کڻي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اسيمبلي هڪ وڏي ۽ تاريخي اجلاس ۾ صوبي جي ورهاست ۽ نون صوبن يا انتظامي اڪائين نالي ورهاست ۽ قيام جون سڀئي ٻاهريون ڪوششون گڏيل طور تي رد ڪندي هڪ تاريخي ٺهراءُ منظور ڪيو ويو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڌرو ڪيو آهي ته سنڌ جي جاگرافيائي حدن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار يا ٽڪڙا ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳو ناهي.وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسپيڪر جا ٿورا مڃيندي ٻڌايو ته هيءَ تحريڪِ التوا نثار کهڙي صاحب اسيمبلي ۾ کڻي آيو هو. هن چيو ته ڪجهه ماڻهن جو خيال هو ته هيءَ تحريڪ نه اچڻ گهرجي ها ۽ سڌوسنئون ٺهراءُ آڻڻ گهرجي ها، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ اسان جي پارلياماني پارٽي اهو فيصلو ڪيو ته اسان سنڌ جي حقن ۽ سلامتي جي ان اهم معاملي تي هن آئيني فورم جي اندر تفصيلي بحث ڪرڻ چاهيون ٿا. هن پڌرو ڪيو ته لاهور ۾ بزنس ڪميونٽي جي هڪ سيمينار ۾ هڪ وفاقي وزير نون صوبن ۽ انتظامي اڪائين جي ڳالهه ڇيڙي هئي، جنهن کانپوءِ ٽي وي شوز ۽ جلسن جو لڙ شروع ٿي ويو. سيد مراد علي شاهه تاريخ جا ورق ورائيندي چيو ته پاڪستان ٺاهڻ ۾ صوبي سنڌ جو هٿ سڀ کان مٿي هو. سنڌ سڀ کان اڳ 1938ع ۾ قائدِ اعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪراچي جي جلسي ۾ اهو ٺهراءُ پاس ڪيو جيڪو 23 مارچ 1940ع جي لاهور واري پاڪستان جي ٺهراءُ جو بنياد بڻيو. ان کانپوءِ 1943ع ۾ پاڪستان جي حق ۾ ٺهراءُ پاس ڪندڙ پهرين اسيمبلي به سنڌ اسيمبلي ئي هئي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته 26 جون 1947ع تي برطانوي حڪومت جي هندستان جي ورهاست واري پلان تي لبيڪ چوندي سنڌ اسيمبلي سڀ کان اڳ هندستان کان ڌار ٿيڻ ۽ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو هو. وزيرِ اعلٰي فيبروري 1948ع جي ٺهراءُ جو حوالو ڏيندي چيو ته "کير جو سڙيل لسي به ڦوڪي ڦوڪي پيئندو آهي. ماضي ۾ جڏهن ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جي مهم هلي هئي ته محمد هاشم گزدر ان جي خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو هو، جنهن ۾ چٽو ڪيو ويو هو ته ڪراچي جي علحدگي سنڌ کي اقتصادي ۽ سياسي طور تي پاهه ڪري ڇڏيندي. هن قائدِ عوام ذوالفقار علي ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته 1973ع جي اصل آئين ۾ هن صوبن کي تحفظ ڏنو هو، پر پوءِ آمر ضياءُ الحق اٺين ترميم ذريعي آئين کي مسخ ڪري صوبائي خودمختياري کي نقصان پهچايو. هن قومي اسيمبلي کي خبردار ڪيو ته آئين جي تحت ڪو به سنڌ جا ٽڪڙا ڪرڻ جي ڳالهه به نٿو ڪري سگهي.اپوزيشن جي ان دليل تي ته آبادي وڌڻ سان نوان صوبا ٺهڻ گهرجن، وزيرِ اعلٰي چٽو دليل ڏيندي چيو ته صوبن جو قيام آبادي تي نه پر ضرورت تي ٿيندو آهي. هن آمريڪا جو مثال ڏيندي چيو ته ڪيلفورنيا جڏهن 1850ع ۾ آمريڪا ۾ شامل ٿي ته ان جي آبادي رڳو 92 هزار هئي ۽ اڄ اتي 4 ڪروڙ آهي، يعني آبادي 400 ڀيرا وڌڻ جي باوجود ڪيلفورنيا جا ٽڪڙا نه ڪيا ويا.سيد مراد علي شاهه متحده قومي موومينٽ جي قيادت تي سڌو وار ڪندي مصطفٰي ڪمال جي ايڊمنسٽريٽو يونٽس واري فارمولي کي پڌرو ڌوڪو قرار ڏنو. مصطفٰي ڪمال ڊويزنن کي انتظامي اڪائيون بڻائي اصل ۾ چور دروازي کان نوان صوبا ٺاهڻ چاهي ٿو ته جيئن نوان وزيرِاعلٰي بڻجي سگهن، اها ٻلي کي خواب ۾ ڇيڇڙا واري ڳالهه آهي. سردار شاهه چيو ته جيڪي ماڻهو ٻاهران هن اسيمبلي جي ڪارروائي ڏسي رهيا آهن، اهي سوچيندا هوندا ته آخر معاملو ڇا آهي جو هر ميمبر اٿي سنڌ کي پنهنجي ماءُ چئي رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جا 2 اهم پهلو آهن، هڪ جذباتي ۽ ٻيو سياسي. سنڌ جي ماڻهن جو پنهنجي ڌرتيءَ سان جيڪو جذباتي لڳاءُ آهي، ان جو دنيا ۾ ڪو مثال نٿو ملي . هن چيو ته جڏهن وفاق ٺهيو ته 4 وحدتون هيون، پنجاب جو تصور رنجيت سنگهه کانپوءِ ستلج درياهه جي صورت ۾ سامهون آيو، سردار شاهه اپوزيشن جي موقف کي ٻٽو معيار قرار ڏيندي چيو ته هڪ طرف چيو وڃي ٿو ته سنڌ جو ورهاڱو نٿا چاهيون ۽ ٻئي طرف انتظامي يونٽن جو مطالبو ڪيو وڃي ٿو. هن واضح ڪيو ته ملڪ جي آئين ۾ رڳو ٽئين سطح جي مقامي حڪومتن يعني بلدياتي نظام جو ذڪر آهي، ڪنهن انتظامي يونٽ جو نه. ڳالهه ننڍن يونٽن جي نه، پر پاڪستان کي حقيقي جمهوري ملڪ بڻائڻ جي آهي. نائيجيريا ۾ 36 صوبا آهن، پر اتي ڪهڙيون کير جون نديون وهي رهيون آهن. هن چيو ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمرانن جو رويو درست ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن سنڌ جي اردو ڳالهائيندڙن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اهي هجرت ۾ نه، پر هن ڌرتيءَ جا مستقل رهواسي آهن ۽ هتي ئي پيدا ٿيا آهن. ڪوٽا سسٽم 1948ع کان لاڳو آهي، جيڪو پيپلز پارٽي نه آندو هو. سنڌ جي وحدت بابت تاريخي قرارداد جي منظوري جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي اسيمبلي اسپيڪر اويس قادر شاهه ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي اپيل ڪئي ته هو ايوان جو بائيڪاٽ نه ڪن ۽ هن اهم موقعي تي ڪارروائي جو حصو بڻجن، اسپيڪر چيو ته سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي ۽ عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪير سنڌ سان گڏ آهي. ايوان مان ٻاهر ويندي ايم ڪيو ايم جي ميمبرن ”سنڌو ديش نامنظور“ جا نعرا هنيا ۽ اسيمبلي جي احاطي جو چڪر لڳايو. مڪيش ڪمار چاولا چيو ته اپوزيشن ۾ هئاسين تڏهن به سنڌ کي ورهائجڻ نه ڏنو، اڄ ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت آهي. ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو چيو ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪرڻ سنڌ جي ورهاڱي جي برابر آهي. سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران خطاب ڪندي دادا محمد هاليپوٽو چيو ته سنڌ جي ورهاڱي وارو مفروضو ۽ مسئلو اڄوڪي هن تاريخي اجلاس کانپوءِ هميشه لاءِ دفن ٿي ويندو