سنڌ ٽوڙڻ نٿا چاهيون، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ چاهيون ٿا: علي خورشيدي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي چيو آهي ته اسان سنڌ جو ورهاڱو نٿا چاهيون، سنڌ جي هڪ هڪ ماڻهو کي خبر آهي، ته انهن جي زيرو ڪارڪردگي آهي بيڊ گورننس جي اعليٰ ترين مثال پوري پاڪستان ۾ اگر ڪا آهي ته سائين سنڌ جي حڪومت آهي،سنڌ اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته لاهور ۾ ويٺل شخص فيصلو نٿو ڪري سگهي ته سنڌ جو مستقبل ڪهڙي طرح هوندو. هن چيو ته ان مهملي رٿ  جي پويان 18 سالن جو اقتدار غائب ٿي ويو!اسان وٽ ڇهه ڊويزنون موجود آهن، انهن کي مالي خودمختيار ڪريو، توهان فيصلو ڪيو آهي ته ان تي ڳالهه ناهي ڪرڻي، پراڻي ڪيسٽ هلائڻ بند ڪريو، توهان پنهنجو قبلو درست ڪريو، توهان ماڻهن کي مضبوط ڪريو. سنڌ ڪابينا کي مضبوط ڪرڻ جي بجاءِ سنڌ جي هاريءَ کي مضبوط ڪريو، سنڌ جي مزدورن کي مضبوط ڪريو، سنڌ جي عام عوام کي مضبوط ڪريو، هن چيو ته سنڌ جا پٽ ۽ نياڻيون روڊن تي نڪري رهيا آهن، سنڌ حڪومت جي ڪن تي جُون نٿي سُري! هن  چيو ته نون انتظامي يونٽن سان سنڌ جي وحدت کي نقصان ناهي پهچي رهيو، سنڌ جي جاگرافيائي سرحدن  کي نقصان نه پيو پهچي. اڌ وزير راضي هئا، خبر ناهي ڪنهن ان جي مخالفت ڪئي آهي،سنڌ ڪابينا اهو فيصلو نه ڪري لاڙڪاڻي يا خيرپور ۾ ڪٿي گهٽي ۾ نالي يا روڊ ٺهڻو آهي يا نه ٺهڻو آهي،اهو اختيار مڪاني ڪائونسلن وٽ هئڻ گهرجي هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي هڪ هڪ ميمبر چيو ته سنڌ جو ورهاڱو نٿا چاهيون ته اهو بحث ختم ٿيڻ گهرجي،ڪراچي دنيا جو ٽيون بدترين شهر شمار ٿيڻ لڳو آهي، متحده جي  محمد دلاور چيو ته انتظامي يونٽ ٺهڻ سان ڪهڙو فائدو يا نقصان ٿيندو، ان بابت پيپلز پارٽي پنهنجو ڪو موقف پيش ناهي ڪيو. نون صوبن يا انتظامي يونٽن بابت جذباتي نعرن بدران دليلن سان ڳالهه ڪرڻ گهرجي. صابر قائم خاني چيو ته  وڏي وزير  جو پنهنجي تقرير ۾ لوڏيل مڪو هتي ويٺل اسيمبلي ميمبرن لاءِ هو يا ڪنهن خلائي مخلوق لاءِ هو؟ ٻڌائي  ته ڪير  سنڌ کي ٽوڙڻ چاهي ٿو؟هن چيو ته اسان جو نظام بگڙجي رهيو آهي، ان تي ڇو نه ڳالهائجي ؟ 1973ع جي آئين ۾ اگر صوبا بڻائڻ جو اختيار صوبائي اسيمبلين کي ڏنو ويو آهي، ته توهان وٽ ته ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت آهي، ڌرڻي جي ڪهڙي ضرورت آهي ؟ هن چيو ته اين ايف سي ايوارڊ هجي،  آدم شماريءَ هجي، ڇهه ڪينال پهرين پاڻ صحيح ڪندا آهيو، پوءِ چئو ٿا ته نه اسان نه پيا ڪريون،مان اهو سوال ضرور پڇندس ته ڪنهن توهان کي چيو ته سنڌ ۾ صوبا بڻايا ويندا؟ هن چيو ته هتي سردارن ۽ وڏيرن سخت تقريرون ڪيون اهي خمار ۾ ڳالهائيندا رهيا، ايم ڪيو ايم جي  معيد انور جو چوڻ آهي ته هاڻي اهي ڳالهيون ختم ٿيڻ گهرجن ته ”توهان 1947ع ۾ هجرت ڪري آيا، اسان توهان کي ڀاڪر پائي پنهنجو ڪيو.“ اسان اهو 110 ڀيرا قبول ڪري چڪا آهيون هن چيو ته جيڪڏهن ائين ئي ڳالهائينداسين ته پوءِ اسان به چوڻ شروع ڪري سگهون ٿا ته جڏهن اسان سنڌ ۾ آياسين ته سنڌ ترقي ڪرڻ لڳي، اسان ڪراچي کي ترقي ڏني ۽ اچي سڄي پاڪستان کي هلائڻ شروع ڪيو.معيد انور چيو ته ڇا سنڌ مان ڌاڙيل راڄ ختم ٿي ويو آهي؟ ڇا مير رضا جي قاتلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي؟ هوڏانهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ علي خورشيدي چيو آهي ته سنڌ جي هارين ۽ عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ کي ورهائڻ ڪير چاهي ٿو.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي علي خورشيدي چيو ته صوبي جي ورهاڱي بابت نثار کهڙي قرارداد پيش ڪئي. اسان کي اميد هئي ته حڪومت طرفان سنجيده ڳالهيون ڪيون وينديون، پر انهن طرفان ڪا مناسب ڳالهه نه ٿي سگهي.هن چيو ته پيپلز پارٽي قوميتن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا. هن حساس موضوع تي بار بار ڳالهائي لساني فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڄاڻي واڻي هن حساس موضوع تي ڳالهه ٻولهه ڪرائي وئي.علي خورشيدي چيو ته اسان انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ۽ انهن جي خودمختياري جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. ارڙهين ترميم کانپوءِ اختيار هيٺين سطح تائين منتقل ٿيڻ گهرجن ها.هن چيو ته صوبو انتظامي طور تي ڪِرِي چڪو آهي.هن چيو ته اسان انهن کي بي نقاب ڪري چڪا آهيون. سنڌ جي هارين ۽ عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته سنڌ کي ورهائڻ ڪير چاهي ٿو.هن جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ جي ورهاڱي بابت ڳالهه ڪئي آهي، اهي ان ڏوهه جا مرتڪب ٿيا آهن. عوام کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪير چاهي ٿو ته موجوده نظام جي حڪومت قائم رهي.

You might also like