اسان لاءِ گهرايل پوليس ڌاڙيلن پٺيان موڪليو:مرتضيٰ جتوئي

نوشھرو فيروز(ايم ظفر تگڙ)اڳوڻي وفاقي وزير جي ڊي اي اڳواڻ غلام مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور خان جتوئي جي لنجارھائوس ساڙڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي اي ٽي سي ڪورٽ ۾ رکيل ھئي صبح ٿيندي ئي دادو نواب شاه سانگھڙ ۔نوشھرو فيروز پوليس اٽالا بڪتر بند گاڏيون ڪورٽ ٻاھران شھر جي داخلي خارجي رستن تي بيھاري رستا سيل ڪيا ويا سموري شھر ۾ ڪرفيو وارو منظر ھيو ھوٽلن ميڊيڪل سينٽرن جا شٽر بند ڪرائيا ويا صحافين کي به گيٽ تي بيھڻ نه ڏنو ويو،ڪورٽ کان ٻاھر ميڊيا سان ڳالھائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته مون کي افسوس آھي پيپلز پارٽي جي حڪومت تي جو ھر ٻڌڻي تي لکين روپيا خرچ ڪري ٿي چئن ضلعن جي پوليس گھرائي خرچ ڪن ٿا اھي پئسا ڌاڙيلن جي پويان خرچ ڪن اغوا ٿيل ماڻھو ڇڏائين جن جون مائرون ڀينرون قرآن کنيو حڪمرانن کي الله جا واسطا پيون وجھن ته اسان کي ڌاڙيلن جي چنبي مان ماڻھو ڇڏائي ڏيو هن چيو ته امن امان جو  مسئلو آهي، ڪوبه ماڻھو محفوظ نه آھي مان اڳ ۾ به چيو آھي ته بابا مون کي گرفتار ڪرڻو اٿئو ته گرفتار ڪريو، مان گرفتاري ڏيان باقي ھر ڀرو ڀرو روزانو لکين روپيا خرچ ڪري دھشت نه ڦھلايو سموري دنيا کي خبر آھي ته مان لنجار ھائوس نه ساڙيو ھنڱورجا مان نه ڦر ڪئي لاڙڪاڻي مان نه ڦر ڪئي سالن جا پراڻا ڪيس کولي انھن ۾ نالا شامل ڪري مون کي پريشان ٿو ڪيو وڃي ڪوبه ڪيس سچو نه آھي مون کي ڪورٽ سڳورين تي اعتماد  آهي،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.