پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ 9 مئي جي ڪيسن ۾ سزا ماڻيندڙ پي ٽي آءِ اڳواڻ شبلي فراز ۽ زرتاج گل جي حفاظتي ضمانت منظور ڪري ورتي.
پشاور هاءِ ڪورٽ ٻنهي اڳواڻن جي ضمانت لاءِ داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت زرتاج گل ۽ شبلي فراز کي 11 آگسٽ تائين حفاظتي ضمانت ڏئي ڇڏي.
عدالت زرتاج گل ۽ شبلي فراز کي 11 آگسٽ تائين لاڳاپيل هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿي اپيل داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ حڪم ڏنو آهي ته ان وقت تائين کين گرفتار نه ڪيو وڃي.
You might also like