ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) شاهه لطيف ٿاڻي ۾ ايس ايڇ او شاھ لطيف جي پرائيويٽ پارٽي پاران ٿاڻي اندر فائرنگ ڪري شھري کي پڪڙي ڦورو ڄاڻائي قتل ڪرڻ وارو واقعي سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل، ايف آءِ آر ۾ ايس ايڇ او شاھ لطيف صدر الدين ميراڻي هيڊ محرر شاھ لطيف ٿاڻو سليم مغل ۽ ايس ايڇ او جي پرائيويٽ پارٽي جي ٻن ڄڻن عاطف ۽ شاهزيب کي نامزد ڪيو ويو، متن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٿاڻي اندر ڊيوٽي تي موجود هئس ان دوران فائر جو آواز آيو ڏٺوسين ته هڪ رتورت ٿيل فرش تي پيل هو ۽ هو فوت ٿي چڪو هو، جڏھن ته ٻن ڄڻن جي هٿ ۾ پسٽل هئا، خبر پئي ته قتل ٿيل ھڪ ٻئي شخص کي عاطف ۽ شاهزيب SHO صدر دين ميراڻي ۽ پوليس اهلڪار فياض سان رابطي ۾ رهندا هئا اهي کڻي آيا هئا، ٿاڻي اندر وضو خاني ڀرسان ڪنهن سبب جي ڪري عاطف پڪڙي آندل شخص کي فائر ڪري قتل ڪيو. پوليس فائرنگ ڪندڙ عاطف ۽ شاهزيب کي پڪڙي سندن قبضي مان ٻه پسٽل به هٿ ڪري ورتا، پوليس فوري طور تي مارجي ويل جو لاش اسپتال منتقل ڪرايو، ايس ايڇ او شاھ لطيف صدر الدين ميراڻي ۽ ھيڊ محرر سليم مغل شاهديون ختم ڪرڻ لاءِ واقعي واري هنڌ کي ڌورايو، ايف آءِ آر ۾ ايس ايڇ او ۽ ھيڊمحرر جي گرفتاري به ظاهر ڪئي وئي، شاهه لطيف ٿاڻي ۾ مبينا طور تي ڦورو ڄاڻائي قتل ڪيل شهري جي واقعي ۾ گرفتار ايس ايڇ او ۽ سندس ساٿين کي ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ 5 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جاچ پوليس پاران ايس ايڇ او شاهه لطيف صدرالدين ميراڻي، هيڊ محرر سليم مغل ۽ ايس ايڇ او جي اسپيشل ٽيم عاطف ۽ شاهزيب کان جاچ لاءِ 15 ڏينهن جو عدالت کي جسماني رمانڊ لاءِ درخواست ڏني وئي جنهن کي رد ڪندي عدالت پاران گرفتار جوابدارن کي ٽن ڏينهن جي رمانڊ تي جاچ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، شاهه لطيف ٿاڻي اندر مارجي ويل شهري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، شاهه لطيف ٿاڻي اندر پوليس جي اسپيشل پارٽي جي فائرنگ ۾ قتل ٿيل شهري جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي مقتول جو لاش ڇيپا سرد خاني منتقل ڪيو ويو. شاهه لطيف ٿاڻي واقعي بعد شاهه لطيف پوليس ۽ ايس ايس پي ملير جي موقف ۾ تضاد، شاهه لطيف پوليس موجب مارجي ويل نامعلوم شخص کي گولي شاهه لطيف ٿاڻي کان ٻاهريان لڳي جڏهن ته ايس ايس پي موجب مارجي ويل شخص کي گولي ٿاڻي جي اندر ايس ايڇ او آفيس جي سامهون لڳي، ملير جي شاهه لطيف پوليس اسٽيشن ۾ نوجوان جي مارجڻ وارو واقعي تي ايس ايس پي ملير ڊاڪٽر عبدالخالق پيرزادو نوٽيس ورتو، ايس ايس پي جي هدايت تي واقعي جي شروعاتي جاچ مڪمل، جاچ موجب نوجوان کي گولي هڻي قتل ڪيو ويو عاطف ۽ شاهزيب ٿاڻي تي آڻي نوجوان معاذ مٿان فائر ڪيا ٻي ملزم ايس ايڇ او شاهه لطيف صدرالدين ميراڻي ۽ هيڊ محرر سليم مغل، ايس ايڇ او جي اسپيشل پارٽي سان وابسته آهن ملزم ايس ايڇ او صدرالدين ميراڻي، ڪانسٽيبل فياض سان رابطي ۾ هئا.