باسٽيئر (ويب ڊيسڪ) داسن شاناڪا جي تيز ترين سينچري جي مدد سان سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس پيٽريئٽس، سينٽ لوشيا ڪنگز کي 137 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
پيٽريئٽس 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 235 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ ڪنگز جي سڄي ٽيم 13.5 اوورن ۾ 98 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.
پهريان بيٽنگ ڪندي پيٽريئٽس جي شروعات سست رهي ۽ پهرين ٽن اوورن ۾ رڳو 10 رنسون ٺهيون، جڏهن ته ڪائل ميئرز آئوٽ ٿي ويو. چوٿين اوور ۾ ميٿيو فورڊ هڪ ڇڪو، هڪ چوڪو ۽ 5 وائڊز ڏنا، جنهن کانپوءِ رنسن جي رفتار تيز ٿي وئي.
ان کانپوءِ آندري فليچر، مهيش ٿيڪشنا جي اوور ۾ 19 رنسون ٺاهيون. فليچر 23 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي، جڏهن ته روسٽن چيز 10هين اوور ۾ جانسن چارلس کي آئوٽ ڪري فليچر ۽ چارلس وچ ۾ 81 رنسن جي ڀائيواري ختم ڪئي.
ان موقعي تي داسن شاناڪا ميدان تي آيو ۽ جارحاڻي بيٽنگ شروع ڪري ڏني. هن جوشوا بُشپ کي ٻه چوڪا ۽ روسٽن چيز کي ٻه ڇڪا هنيا.
فليچر ۽ جيسن هولڊر هڪٻئي پٺيان ٻن اوورن دوران آئوٽ ٿي ويا، پر شاناڪا جي جارحاڻي بيٽنگ جاري رهي.
شاناڪا رڳو 24 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ پوءِ 39 بالن تي سينچري اسڪور ڪري سي پي ايل جي تاريخ جي تيز ترين سينچري جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتو.
هن آخري اوور ۾ 4 ڇڪا ۽ هڪ چوڪو هنيو ۽ 43 بالن تي 121 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. سندس اننگز ۾ 8 چوڪا ۽ 12 ڇڪا شامل هئا.
235 رنسن جي هدف جي جواب ۾ سينٽ لوشيا ڪنگز جي شروعات ئي خراب رهي.
پهرئين اوور ۾ ڪامل پورن آئوٽ ٿيو، جڏهن ته پاور پلي دوران جان ڪيمپبل ۽ چيراٿ اسالنڪا به پويلين موٽي ويا.
ڪنگز پاور پلي جي پڄاڻي تي 3 وڪيٽن جي نقصان سان رڳو 46 رنسون ٺاهي سگهي.
وانندو هسارنگا اوبس پينار کي آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ جيرميا لوئس ڪنگز جي بيٽنگ لائين جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا.
هن روسٽن چيز ۽ ميٿيو فورڊ کي لڳاتار ٻن بالن تي آئوٽ ڪيو، جنهن کانپوءِ لوئس جوشوا بُشپ، مهيش ٿيڪشنا ۽ اماري گڊريج کي به آئوٽ ڪري پنهنجي پنج شڪار مڪمل ڪيا.
ڪنگز جي ٽيم 13.5 اوورن ۾ 98 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي، ٽم سيفرٽ 50 رنسن سان مزاحمتي اننگز کيڏي، جڏهن ته جيرميا لوئس 10 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون حاصل ڪيون، پيٽريئٽس 137 رنسن تان وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي.
سي پي ايل جي تيز ترين سينچري اسڪور ڪرڻ تي داسن شاناڪا کي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.
شاناڪا سي پي ايل تاريخ جي تيز ترين سينچري جڙي ورتي، پيٽريئٽس سينٽ لوشيا کي 137 رنسن تان هارائي ڇڏيو
You might also like