شگر مل مالڪن 600 ارب رپين جو ڌاڙو هنيو آهي:شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان۾ تقريباً 60 لک ٽن کنڊ هر سال تيار ٿئي ٿي.اڪثريت شگر مل مالڪن جو سياست سان واسطو آهي. جڏهن حڪومت کي خبر هئي ته ملڪ ۾ کنڊ جي کوٽ آهي، تڏهن به 15 سيڪڙو کنڊ برآمد ڪئي وئي ۽ وري پاڪستان ۾ واپس وڪرو ڪئي وئي،هن چيو ته ان عرصي ۾ کنڊ جي قيمت 100 رپيا في ڪلو کان 200 رپيا في ڪلو ٿي وئي.رڳو 1 رپيو في ڪلو وڌڻ سان 6 ارب رپيا عوام جي کيسن مان شگر مل مالڪن وٽ ويا.جيڪڏهن 100 رپيا وڌا، ته 600 ارب رپيا عوام جي کيسن مان نڪري مالڪن وٽ ويا!ڇا ڪنهن وٽ ان جو جواب آهي؟هن سوال ڪيو ته ڇا ملڪ سڌريو آهي؟ڇا تعليم جو نظام بهتر ٿيو آهي؟صحت؟ بلدياتي نظام؟ پوليس؟ بجلي، گئس؟نه!ڪرپشن وڌي رهي آهي، عوام تڪليف ۾ آهي، رشوت عام ٿي چڪي آهي.اڳ سفارش هلندي هئي، هاڻ پئسا هلايو، ڪم ٿي ويندو.هن چيو ته  ملڪ جا حال خراب، حڪمرانن جا حال سٺا ٿين پيا.پاڪستان جا ماڻهو غربت ۾ واڌ طرف وڃي رهيا آهن.سڄي دنيا جو تجزيو ڏسو، پاڪستان سڀني کان وڌيڪ پنهنجا شهرين ٻاهر موڪلي رهيو آهي.۽ اسان کي خوشي ٿئي ٿي ته اسان جا ماڻهو ٻاهر ڪم ڪن ٿا، پر اها خوشي نه، بلڪ شرمندگي جي ڳالهه آهي. ڇو ته ماڻهو مجبوريءَ سان ملڪ ڇڏي رهيا آهن.جيڪي پاڪستاني ٻاهر ملڪ ۾ ڪم ڪري ملڪ کي 30٪ کان وڌيڪ آمدني ڏين ٿا، انهن لاءِ حڪومت وٽ ڪابه واضح پاليسي نه آهي.جيڪڏهن توهان قومي اسيمبلي جي مخالف ڌر جي اڳواڻ کي 30 سال قيد ڏيو ٿا، ته عدالت ۾ ڪارروائي ڏيکاريو، عوام کي ٻڌايو ته جرم ڇا هو؟هن چيو ته جيڪڏهن انصاف نظر نه اچي، ته ڪو به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري نه ڪندو.عدالتي نظام ختم ٿي چڪو آهي، انصاف جو ڪو اعتماد نه رهيو.هن چيو ته .اسان کي انهن خرابين کي ختم ڪرڻو پوندو جيڪي ملڪ کي تباهه ڪري رهيون آهن.قانون جي حڪمراني، شفافيت، ۽ ايمانداري سان ئي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.