سنڌ ۾ وڌيڪ تيل نڪري ٿو،ڇا سنڌ سرڪار کان اجازت ورتي وئي؟ بابر اعواڻ

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته عمران خان ڪراچي جي ٽن ٻيٽن ۾ ڊرلنگ ڪرائي تيل دريافت ڪري ورتوهو،پوءِ اسان جا ڪجهه وچ اوڀر وارا برادران اسلام ڊوڙيا ۽ ڪجهه آمريڪي ڪمپنيون ڊوڙيون ۽ ملڪ اندر هڪ ”صاحب“ هو جنهن جو نالو نٿو کڻان ان زور ڏئي چيو ته اسان تيل جي ايڪسپلوريشن ۾ نه پيا وڃون،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مان اها ڳالهه رڪارڊ جي ڪري رهيو آهيان،اسان جو آئين چوي ٿو ته جتان تيل نڪري ٿو پهريان اتان جي حڪومت کان توهان کي اجازت وٺڻي آهي،هن چيو ته ڇا سنڌ جي حڪومت کان اجازت ورتي وئي،سنڌ وارا ستو پي ستا پيا آهن،سواءِ رضا رباني ڪنهن به ناهي ڳالهايو ان مسئلي تي،سڀ کان وڌيڪ تيل سنڌ مان نڪري ٿو پوءِ ڪي پي مان نڪري ٿو،پنڊي ضلعي سميت پوٺوهارمان به تيل نڪري ٿو،هن چيو ته پهرين ٽرمپ اعلان ڪري ٿو بعد ۾ اسان چئون ٿا ته ها اسان آمريڪا سان معاهدو ڪري ڇڏيو آهي،اهو معاهدو نه ڪرڻ گهرجي،ان لاءِ معاهدو نه انٽرنيشنل ٽينڊر ڪرڻ گهرجي،تيل ۽ معدنيات ڪرڪ ۽ فاٽا ۾ وڌيڪ نڪرندي،اتان جي حڪومت کان ڪنهن پڇيو ئي ناهي،ان کي توهان سزائون ڏئي رهيا آهيو،توهان سنڌ کان به ناهي پڇيو،اهو کيل پاڪستان جي خودمختياري برقرار نه رکندو بلڪه صوبن ۽ مرڪز وچ ۾ فساد برپا ڪندو،ڀارت خلاف جنگ ۾ اسان جي مدد چين ڪئي ۽ اسان آمريڪا سان معاهدا پيا ڪريون،پارليامينٽ کي به ان جي خبر ناهي،فارم 47 وارا به اڻ ڄاڻ آهن

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.