اسلام آباد (بيورو) اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياز صادق ۽ سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪ-ايران پارلياماني سهڪار، علائقائي صورتحال، ۽ گڏيل دلچسپي وارا اهم معاملا زير بحث آيا. اياز صادق ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري کي ڀليڪار چئي، ان کي ٻه طرفن لاڳاپن لاءِ اڳڀرائي قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا ڀائيچاري، ثقافت، تاريخ ۽ پاڙيسري رشتن تي ٻڌل آهن، ۽ پاڪستان ايران جي خودمختياري ۽ سلامتي جي مڪمل حمايت ڪري ٿو. هن آپريشن بنيان مرصوص تي ايران جي حمايت تي به شڪريو ادا ڪيو ۽ غزا ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلمن جي سخت مذمت ڪئي. سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني به پاڪ-ايران لاڳاپن جي مضبوطي تي زور ڏنو ۽ پارلياماني توڙي معاشي سهڪار وڌائڻ جي اهميت تي اتفاق ڪيو. ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته پاڪستان ۾ ملندڙ محبت ۽ خلوص کي ايران هميشه ياد رکندو.
هن پاڪستان طرفان ڏکئي وقت ۾ ڀائيچاري ۽ اصولي موقف جي واکاڻ ڪئي، خاص طور تي اسرائيلي جارحيت دوران پاڪستان جي حمايت کي ايران ڪڏهن نه وساريندو.
-
افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي جو پاڪستان جو دورو ملتوي
ڪابل(م ڊ) افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي جو دورو پاڪستان ٽيڪنيڪي سببن جي بنياد تي ملتوي ڪيو ويو آهي، افغان ميڊيا موجب، اميرخان متقي جو دورو اڄ طئي ٿيل هو، پر ٽيڪنيڪي مسئلن سبب اهو دورو ملتوي ڪيو ويو آهي، رپورٽن موجب، امير خان متقي پاڪستان ۾ اعلى سياسي ۽ عسڪري عملدارن سان ملاقاتون ڪرڻ وارو هو،
جن ملاقاتن دوران ٻه طرفي سهڪار ۽ علائقائي سلامتي جا معاملا زير بحث اچڻا هئا.