سنڌ ۾ هر پاسي ماٺ \عوام جي بنيادي آئيني حقن لاءِ جاکوڙ بي اثر؟ \ميرٽ جو جنازو

ڪراچي(تجزيو: منظور سولنگي)سنڌ ۾ ميرٽ جي موت جي شرح ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي،پاڙهو ۽ محنتي نوجوان نسل جي آخري اميد وارو ٻيڙو سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پڻ ٻڏي رهيو آهي،ڏک  رڳو اهو ناهي ته ميرٽ جو ٻيڙو ٻڏي رهيو آهي پر ان کان به وڌيڪ الميو اهو آهي ته ميرٽ کان اڳ سنڌ جي مزاحمت جو ڏيئو پڻ وسامي پيو،عوام جي بنيادي آئيني حقن لاءِ جاکوڙ ختم ختم ٿي وئي  سنڌ جي سماجي اونداهه ۾ هر روز ڪو نئون قهر ڪو نئون قيس ٿي رهيو آهي،ان قهر ۽ قيس جي خلاف ڪو سنڌ ۾ آواز نه پيو اٿي،تازو هڪ آزاد پر سرڪار جي سرپرستي هيٺ هلندڙ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن 1544 پوليس جي اي ايس آئيز جون جيڪي ڀرتيون ڪيون آهن ان بابت سوشل ميڊيا تي جيڪو ماتم متو آهي ان سنڌ سميت سڄي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ خبرون توڙي تبصرا  ٿي رهيا آهن ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي ويجهي ماضي جي  تاريخ جي مبينه طور تازو پوليس اي ايس آءِ جي منڊي عرف” پڙي “سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي سڀ کان وڏي” پڙي“ هئي جنهن ۾  نوڪرين جو کلي عام وڪرو ٿيو،محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ اقتدار ۾ آيل پ پ جي حاڪم ٽولي جي 18 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ هونئن ته 2010 وارو ٻوڏ ۽ 2011ع توڙي 2022ع واري برساتي ٻوڏ سنڌ ۾ بي پناهه تباهي آندي گڏوگڏ رشوت ۽ اقرباپروري سبب پيدا ٿيل سنڌ ۾ خراب حڪمراني پڻ سنڌ جي سورن ۾ اضافو ڪيو پر نااهل ۽ سفارشي ماڻهن کي نوڪريون ڏئي سنڌ جي ايندڙ نسلن مٿان گهٽ ۾ گهٽ ٽيهه سالن لاءِ جيڪي انتظامي آفيسر مڙهيا پيا وڃن پر انهن جو عذاب ايندڙ نسلن کي ڀوڳڻو پوندو،جيئن ضياالحق جي منشيات ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر مان 37 سالن کانپوءِ به پاڪستان جي جان آجي ناهي ٿي بلڪل ايئن سنڌ جي ايندڙ نسل ۽ زمانن تي پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ٿاڦيل نااهل انتظامي مشينري جي سزا پڻ گهٽ ۾ گهٽ ايندڙ ٽيهه سالن تائين سنڌ ۾ برقرار رهندي پر ليکو ڪجي ته سنڌ جي تاريخ جو اهو سڀ کان وڏو الميو آهي ته اها سنڌ جيڪا تاريخ ۾  هر دور ۾ هر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ جو سدائين مقابلو ڪندي رهي آهي ان سنڌ مان مزاحمت مري ۽ ختم ٿي وئي اهي،سنڌ جا اهي اديب،شاعر،سگهڙ ۽ سازندا جن جي قلمن ۽ زبانن مان سدائين مزاحمت جا اکر ۽ آواز بلند ٿيندا هئا اهي هاڻي ڄڻ ته مري سڙي يا سُن ٿي چڪا آهن،ايوب خان جي دور جون اينٽي ون يونٽ تحريڪون هجن يا هارين جون بغاوتون،ڀٽي جي دور جون سنڌي ٻولي واريون هلچلون هجن يا ضياالحق جي آمريتي دور کي ڏنل سياسي ۽ صحافتي للڪارون ،هينئر  اهي سڀ خاموش يا ڪفن پوش ٿي چڪيون آهن اها سنڌ جيڪا هر قانوني،آئيني،انساني ۽ اخلاقي ڏاڍائي خلاف مزاحمت جي اڳواڻي يا ميزباني ڪندي هئي،اها سنڌ خبر ناهي ڪيڏانهن گم ٿي وئي آهي،گذريل مهيني جولاءِ ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پوليس کاتي ۾ اي ايس آءِ جي نتيجن جا اعلان پئي ڪيا ته انهن ئي ڏينهن ۾ هندستان جي گادي واري شهر دهلي ۾ نوجوانن اسٽاف سليڪشن ڪميشن جي امتحانن ۾ گڙٻڙ خلاف احتجاج پئي ڪيا،هندستان ۾ اسٽاف سليڪشن ڪميشن پڻ ائين نان ڪميشنڊ آفيسر ڀرتي ڪندي آهي جيئن اسان جا نوين گريڊ جا ملازم  سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڪري رهي آهي،ساڳئي ئي جولاءِ جي مهيني ۾ اسان کان 55 سال اڳ الڳ ٿي ويل بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ پڻ نوجوانن بنگلاديش پبلڪ سروس ڪميشن جي ناانصافين خلاف احتجاج ڪيو،جولاءِ جي مهيني ۾ ڀارت ۽ بنگلاديش ۾ احتجاج پئي ٿيو پر جولاءِ جي مهيني ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران پوليس کاتي ۾ نوڪرين جي نيلامي تي سنڌ ۾ مڪمل خاموشي هئي،سنڌ ۾ 100 جي لڳ ڀڳ پارٽيون، تنظيمون، فورم، سنگتون ۽ ايسوسيئشنون آهن پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي سنڌ جي نوجوانن جو درد ڪنهن به قوم پرست يا ڪنهن جمهوري يا انقلابي پارٽي کي محسوس نه ٿيو،ڪنهن شاگرد تنظيم ۽ تحريڪ کي پڻ سنڌ جي نوجوانن جو ڪو تاءُ نه آيو،ڪنهن شاعري،فنڪاري ۽ لاهوتي لڏي کي پڻ سنڌ جي اهل نوجوانن سان ٿيندڙهي ڏاڍائي نظر نه آئي،نه ئي پبلڪ سروس ڪميشن جو هي ڏاڍ ڪنهن اين جي او جي منشور سان ڪٿي اٽڪي سگهيو،ساڳئي ريت وڪيلن جي ڪنهن فورم کي سنڌ ۾ نوجوانن سان ٿيندڙ اها ”غيرقانونيت“نظر نه آئي،ڪنهن ادبي سنگت،ڪنهن سگا ڪنهن ترقي پسند مصنفين کي سنڌ جي نوجوانن سان پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ٿيندڙاهو انياءُ اک تي نه چڙهيو،ڪنهن ميلائي،ٿيلهائي يا اسلام آبادي اديب جي زندهه سڏجندڙ ضمير کي به ڪا رهنڊ نه آئي،شاباس هجي وري به سنڌ جي ڪجهه فردن فردن سياسي ايڪٽويسٽن،ليکڪن ۽ مذاق ڪندڙ سنڌ جي فنڪارن کي جن 60 ۽ 70 لکن ۾ نوڪريون وٺڻ جا ٽوٽڪا ٺاهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ لڳندڙ تازن تاريخ جي وڏن ۾ وڏن ڌاڙن کي اگهاڙو ڪيو،جيتوڻيڪ سنڌ جي سڄڻائي جون دعوائون ڪندڙ پارٽيون ساڃاهه جي دعويٰ ڪندڙ تنظيمون ۽ پنهنجي پاڻ کي محب وطن ۽ قانون پسند فرد پبلڪ سروس ڪميشن ۾ خاص ڪري تازو اي ايس آءِ جي نوڪرين تي ٿيندڙڪرپشن تي به ائين ئي چپ رهيا جيئن هو اڳ ۾ ٿيندڙ ڪرپشنن،ا قرباپرورين ۽ ميرٽ جي لتاڙ تي چپ رهيا آهن ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جنهن ڏينهن تي خدا نه ڪري ته عبدالرحيم گرهوڙي جي حوالي سان مشهور اها چوڻي عمل ۾ ايندي نظر ايندي جنهن ۾ عبدالرحيم گرهوڙي چيو هو ته سنڌ سڄي دنيا کان چاليهه سال اڳ تباهه ٿيندي،سنڌ پوليس کاتو جنهن کي 2013ع جي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي سروي رپورٽ ۾ سڀ کان وڏو ڪرپٽ کاتو قرار ڏنو ويو ان ۾ وري جيڪڏهن هي 60-60 لک رپين جي الزام وارا اي ايس آءِ ڀرتي ٿي پوسٽن تي پهتا ته پوءِ سنڌ ۾ اياز جي سٽ واري اها رات اچي ويندي جنهن رات جي کٽڻ ۽ صبح جي ٿيڻ جو ڪو به امڪان ۽ آسرو نه بچندو،اياز چيو هو ته ”ڪاهو مٿان ڪيترا اڀري لٿا چنڊ،اي اونداها کنڊ سنڌ نه سنڀري سوجهرو“اچو ته سنڌ کي ان امڪاني تباهي کان بچائڻ لاءِ سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ خلاف نوجوانن جي آواز ۾ آواز ملائي سندن همت وڌرايون ۽ سنڌ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن کي لڳندڙ ڌاڙن جو رستو روڪيون

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.