اسلام آباد (بيورو/م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان پرامن مقصد لاءِ ايران جي ايٽمي پروگرام جي حمايت ڪري ٿو، ايران کي پرامن مقصدن لاءِ ايٽمي قوت حاصل ڪرڻ جو پورو حق آهي، پاڪستان ايران سان گڏ بيٺو آهي، اسرائيل جي ايران تي جارحيت جو ڪو جواز نه هو، ايراني قيادت دليراڻي انداز ۾ دشمن خلاف مضبوط فيصلا ڪيا. اسلام آباد ۾ ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ايران اسان جو ڀائر ۽ دوست ملڪ آهي، ايران تي اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان جي عوام ڀرپور مذمت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مفاهمتي يادداشتون جلد معاهدن ۾ تبديل ٿي وينديون، 10 ارب ڊالر واپاري هدف جلد حاصل ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان ۽ ايران جي سوچ ساڳي آهي، خطي ۾ امن ۽ ترقي جا رستا کولڻا آهن، ترقي ۽ خوشحالي جٽادار امن سان ئي ممڪن آهي. هن چيو ته اسرائيل فلسطينين لاءِ خوراڪ کي هٿيار طور استعمال ڪري رهيو آهي، غزا ۾ فوري جنگ بندي ٿيڻ گهرجي، ايراني قيادت غزا لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو، دنيا کي مظلوم فلسطينين لاءِ متحد ٿيڻ گهرجي. والاريل ڪشمير جي صورتحال به غزا کان مختلف ناهي. ان موقعي تي ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو ته ايران خطي کي عدم استحڪام جو شڪار ڪرڻ جي ايجنڊا تي هلي رهيو آهي، غزا، لبنان ۽ شام ۾ جارحيت اسرائيلي ڪڌن ارادن جو حصو آهي، امن لاءِ مسلمان ملڪن کي متحد ٿيڻ گهرجي. ايراني صدر چيو ته سلامتي ڪائونسل کي اسرائيلي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان جي حمايت تي دل سان شڪر گذار آهيون، مسلمان جي اتحاد جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل ثقافت ۽ مذهب تي ٻڌل آهن، علاما اقبال جي شاعري اسان لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته پاڪستان سان سٺا لاڳاپا ايران جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن، ٻطرفن لاڳاپن کي مختلف رخن ۾ اڳتي وڌائي رهيا آهيون، سياسي، اقتصادي، ثقافتي شعبن ۾ ٻطرفو سهڪار وڌائڻ ترجيح آهي، مختلف شعبن ۾ مفاهمتي يادداشتن جي مٽاسٽا سهميت جوڳي آهي. پاڪستان سان رابطا برقرار رکڻ ۽ مفاهمتي يادداشتن کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پرامن آهيون. علائقائي امن ۽ ترقي جو پاڻ ۾ واسطو آهي، سرحدي سڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٻه طرفو سهڪار جاري آهي. ايراني صدر چيو ته پاڪستان اسان جو ٻيو گهر آهي، اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان جي حمايت تي دل سان ٿورائتا آهيون. ان کان اڳ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن جي دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي، تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان شرڪت ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڌار ڌار معاهدن جي دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي، سياحت، ثقافت، ورثي، ميٽرالاجي، موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي شعبي ۾ معاهدن جي مٽاسٽا ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ميري ٽائم سيفٽي اينڊ فائر فائٽنگ، عدالتي سهڪار ۽ سڌارن بابت مفاهمتي يادداشتن جي دستاويزن جي به مٽاسٽا ٿي. ايئر سيفٽي معاهدي جي هڪ ايم او يو جي دستاويز جي مٽاسٽا به ڪئي وئي جڏهن ته ٻنهي ملڪن ۾ طئي ٿيل معاهدن ۾ شين جي معيارن تي عملدرآمد ۽ فري ٽريڊ ايگريمينٽ تي عمل لاءِ گڏيل اسٽيٽمينٽ جي تياري جي معاهدن جي به مٽاسٽا ڪئي وئي.
اسلام آباد (بيورو/م ڊ) صدر آصف علي زرداري ۽ ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ايوان صدر اسلام آباد ۾ اهم ملاقات ٿي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي ۾ امن استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. صدر زرداري، پنهنجي هم منصب کي ڀائراڻي انداز ۾ آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ايران جا لاڳاپا گڏيل مذهب، ثقافت ۽ احترام تي ٻڌل آهن، جيڪي هر ڏکئي وقت ۾ به قائم رهيا آهن. ملاقات دوران واپار، توانائي، سرحدي سلامتي، ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل دلچسپيءَ تي لاڳاپا وڌائڻ تي زور ڏنو ويو. ٻنهي اڳواڻن عالمي ۽ علائقائي مسئلن، خاص طور تي ڪشمير، فلسطين ۽ وچ اوڀر جي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر آصف علي زرداري خطي ۾ سهڪار لاءِ تهران جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيا ۽ ڏکئي وقت ۾ ايران جي ٻڌيءَ تي ٿورا مڃيا. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ايران خطي جي پرامن ۽ خوشحال مستقبل لاءِ گڏجي ڪم جاري رکندا. صدر زرداري، ڪشمير مسئلي تي ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي جي حمايتي بيانن تي شڪريو ادا ڪيو ۽ ايران خلاف اسرائيل جي حملي کي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي ان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. هن 12 ڏينهن واري ويڙهه دوران ايرانين جي بهادري، اتحاد ۽ ثابت قدمي کي ساراهيو. ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ ايران سان گڏ بيٺو آهي ۽ موجودا تڪرار دوران پاڪستان جي سهڪار کي قدر جي نظر سان ڏسون ٿا.
ملاقات دوران اعتماد، ڀائيچاري، ۽ خطي جي خوشحال مستقبل لاءِ سفارتي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جو به عزم ورجايو ويو.