جيلن ۾ آفيسرن جي مقرري بابت بل منظور

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ فشريز ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي سان لاڳاپيل سوالن جي وقت صوبائي وزير محمد علي ملڪاڻي ميمبرن جي مختلف تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏنا. شبير قريشي سوال ڪيو ته ڇا ٺٽي ۽ بدين ۾ ماڊل ڳوٺن جو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ ڪراچي ۾ ماڊل ڳوٺن لاءِ ڪا جاءِ ڇو ناهي؟ جنهن تي محمد علي ملڪاڻي چيو ته روينيو کاتو ڪنهن به ماڊل ڳوٺ لاءِ زمين فراهم ڪري ٿو، روينيو کاتي  جي صوبائي وزير چيو ته ڪراچي ۾ زمين موجود ناهي. اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ لنجار لنجار جيلن ۾ آفيسرن جي مقرري بابت هڪ ترميمي بل پيش ڪيو، جنهن تحت مستقبل ۾ پي ايس پي، پي اي ايس، ايڪس پي سي ايس آفيسر جيلن ۾ مقرر ٿي سگهندا. ايوان گڏيل هن بل کي منظور ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.