صحت صوبائي معاملو آهي،وفاق کي ادارن تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين:وڏو وزير

ڄامشورو (رپورٽ:صدر الدين جوڻيجو ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ جاپاني سفير اڪاماتوسو سوشي ڄامشوري ۾ جاپاني حڪومت جي سهڪار سان جوڙايل مدر اينڊ چائلڊ هيلٿ ڪيئر سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير جو چوڻ هو ته سنڌ کي هن سينٽر جهڙو خوبصورت تحفو ڏيڻ تي جاپاني حڪومتجا ٿورائتا آهيون، هي سڀ صوبائي حڪومت جي ڪوشش جو نتيجو آهي، هن اسپتال جو افتتاح ڪيو آهي، ايندڙ هفتي هي ادارو ڪم شروع ڪندو،هن وڌيڪ چيو ته ارڙهين ترميم کانپوءِ ڪجهه اسپتالون سنڌ حڪومت جي حصي ۾ آيون، سنڌ حڪومت اسپتالن کي بهتر بڻايو ته وفاق ٻيهر ادارا واپس گهريا، عدالت جو به اسان خلاف فيصلو آيو، اسان پوءِ به اسپتالون واپس نه ڪيون، ڇاڪاڻ ته اسان قبضاخورن کي ڪجهه ناهيون ڏيندا، عدالت کي چيو ته ادارا وفاق کي ڏيون ٿا پر اسان جيان هلائي ڏيکاري،هن چيو ته ٻارڙن کي علاج جون بهتر سهولتون ڏيارڻ لاءِ اسان پاڻ ادارا جوڙڻ شروع ڪيا، سنڌ حڪومت ماءُ ۽ ٻارڙن جي صحت لاءِ ايس آئي سي ايڇ اين قائم ڪيو، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيوٽولاجي ۾ سڄي سنڌ مان ساليانو 5 لک کان وڌيڪ ٻارڙن کي علاج ڏنو پيو وڃي، جنهن ۾ 262 انڪيوبيٽرز موجود آهن ۽ اهو ادارو دنيا جو وڏو سرڪاري نيونٽل ڪيئر نيٽ ورڪ بڻجي چڪو آهي، سنڌ حڪومت ٻارڙن جي بهتر علاج لاءِ ادارا جوڙڻ سان گڏ خانگي اسپتالن ۾ پڻ سينٽر جوڙائڻ چاهي ٿي، اسان جيڪي ادارا ٻارڙن لاءِ جوڙيا آهن، انهن ۾ خانگي ۽ وڏين اسپتالن کان به بهتر علاج ٿي رهيو آهي. مراد علي شاهه چيو ته هر اڌ ڪلاڪ جي پنڌ تي هن قسم جا سينٽر ٺاهڻ چاهيون ٿا ته جيئن وقت کان اڳ ڄمندڙ ۽ ڪمزور ٻارڙن جو علاج ٿي سگهي. مراد علي شاهه چيو ته ملڪ ۾ هڪ هزار مان 54 ٻار موت جو شڪار ٿين ٿا پر سنڌ ۾ هڪ هزار مان 29 فوت ٿين ٿا، جيڪو انگ گهٽ آهي، هن قسم جا سنڌ اندر وڌيڪ 4 نوان سينٽر جوڙايا ويندا، مراد علي شاهه ان موقعي تي شهدادپور، قمبر-شهدادڪوٽ، سجاول ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ چار نوان سيٽلائيٽ صحت مرڪز قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو جيڪي ڏورانھن علائقن ۾ 24 ڪلاڪ زچگي ۽ ٻارن جي طبي سهولتون مهيا ڪندا ته جيئن هر طبقو معقول صحت جي سهولتن تائين رسائي حاصل ڪري سگهي،هن چيو ته SICHN انفراسٽرڪچر ۽ علاج جي معيار جي لحاظ سان خانگي اسپتالن جي برابر، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ان کان به بهتر آهي. وڏي وزير سنڌ جي ٻين انقلابي قدمن جو پڻ ذڪر ڪيو، جن ۾ گمبٽ انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (GIMS) ۾ ليور ٽرانسپلانٽ، SIUT ۾ گردي جي پيوندڪاري، ۽ جناح اسپتال ڪراچي ۾ ڪينسر جو مڪمل مفت علاج شامل آهن. هن چيو اهي رڳو اسپتالون نه آهن پر سماج لاءِ اميد جون شمعون آهن ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ پيدا ٿيل چئلينجن جو ذڪر ڪندي وڏي وزير وفاق طرفان صحت جا ادارا واپس وٺڻ جي ڪوششن تي سخت تنقيد ڪئي. هن چيو  صحت هاڻي هڪ صوبائي معاملو آهي، ۽ اسين پنهنجي اختيارن ۽ ادارن کي ناجائز قبضي کان بچائينداسين.  ان کان اڳ صحت کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر عذره فضل پيچوهو خطاب ڪندي چيو ته چاهيون ٿا ته سنڌ جي عوام جي خدمت ڪندا رهون، هي سينٽر جپاني قوم جي ساٿ قائم ڪيو آهي هن سينٽر ۾ ماءُ ۽ ٻار کي صحت جون بهتر سهولتون ملي سگهنديون، سنڌ جي اسپتالن ۾ ٻارڙن جي علاج لاءِ آئي سي يو شروع ڪيا آهن، هن چيو ته ڪراچي، سکر ۽ لاڙڪاڻي کانپوءِ ڄامشوري ۾ هن قسم جو آئي سي يو وارو ادارو ڏنو آهي، بيمار ٻارڙن کي ترت اسپتال پهچايو وڃي ته جيئن سندن حياتي بچائي سگهجي. تقريب کي  جاپاني سفير اڪاماتوسو سوشي، صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ، سنڌ انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ اينڊ نيوناٽالاجي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سيد جمال رضا، جپاني پروجيڪٽ ڊائريڪٽر ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.